عَود (ساز)

عَود (ساز)

عَود ساز

عَود (ساز): مشهور تار وارو ساز، جيڪو هڪ ئي وقت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مشهوري ماڻي چڪو آهي. تصويري صورت ۾ مصرين، سميرين، بابلين، پارسين، يونانين، اسيرين ۽ رومين وٽ مليو آهي. عود عربستان جو ثقافتي ساز آهي. نامور مسلمان فلسفي ابو نصر فارابي جو خيال آهي ته هي ساز حضرت آدم جي ڇهين پوٽي لمڪ (Lamak) ايجاد ڪيو هو. عراق جي کوٽاين مان هن ساز جو ڍانچو هڪ گهر مان مليو آهي. ان کان سواءِ هڪ ديواري نقش ۾ هڪ عورت ٻيڙيءَ تي ويٺل ساڄي هٿ سان عود نما ساز وڄائيندي ڏيکاريل آهي. لفظ ‘عود’ جي عربيءَ ۾ معنيٰ آهـي ‘ڪـاٺ’، پر ڪن مـحقـقن جي راءِ آهـي تـه هـي لفظ فارسيءَ جي لفظ ‘رود’ (Rud) معنيٰ تند يا تار جي بگڙيل صورت آهي.
عود بيضوي شڪل جو ساز آهي، جنهن کي هڪ مضبوط ڳني هوندي آهي ۽ ڳني ۾ وري ڳٽيون لڳل هونديون آهن. هي ڳٽيون ٻين سازن جي ڳٽين (Frets) وانگر ڦرنديون نه آهن. هنن ۾ تارون مضبوطيءَ سان ٻڌل هونديون آهن. کوکو يا آوازي ڪوٺي اندران پوري ٿئي. تارن کي مضراب يا ننهن سان ڇيڙي مطلب جو سر حاصل ڪري سگهبو آهي.
هي ساز مغربي ساز lute وانگر آهي. ڪن جو خيال آهي ته ايراني عود کي بربط چون ٿا. يورپ ۾ هن ساز کي زرياب نالي موسيقار، جنهن جو تعلق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌ سان ڏسيو آهي ۽ ابراهيم موصلي وارن جو شاگرد هو. تنهن اسپين ذريعي متعارف ڪرايو. عود گٽار جو جد امجد سڏجي ٿو. عود ۾ ٻين تاري سازن وانگر ڦرندڙ ڳٽيون ڪونه ٿين. تارون ڳٽين جهڙن ڪلين ۾ ٻڌل هونديون آهن. هن ۾ ڪل 11 تارون ٿينديون آهن، جن مان ڏهه تارون ٻن ٻن جي حساب سان جوڙيءَ ۾ وڄن، باقي يارهين اڪيلي تار آس جي تار ليکبي آهي. عرب وارو عود ٻين ملڪ ۾ ملندڙ عود کان قدبت ۾ ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. هن ساز جي ڳچي سنهي ۽ ڊگهي، جڏهن ته آواز چڱو ٿلهو ڪڍندو آهي.
هي ضربي ساز آهي. ترڪيءَ وارو عود، عرب واري عود جيترو ئي ٿئي. پر ڳچي ان کان ننڍي اٿس. آواز تکو ۽ سنهو ٿئيس. يوناني ساز لوتو ۽ لئوتا هن سان مشابهت رکندڙ ساز آهن، پر هنن جي وڄائڻ جو طريقو مختلف آهي. هي ساز عربي دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. مغربي دنيا تي به هن ساز جو تمام گهڻو اثر آهي. گٽار ۽ اهڙي قسم جا ساز عود مان نڪتل آهن. عود گذريل ڪيترين ئي صدين کان عرب دنيا جو ثقافتي ۽ عوامي ساز رهيو آهي، جيڪو اڄ به ايترو ئي مقبول آهي. دنيا ۾ هن ساز جي وڄائڻ وارا تمام گهڻا آهن.
ڪن مشهور عودي وڄوتن جا نالا ڏجن ٿا: (1) جميل بشير- عراق، (2) منير بشير- عراق/ هنگري، (3) نصير شما- عراق، (4) انوار ابراهيم-
تونسيه، (5) درسيل ملومي- مور/ طوطي، (6) سيد چريابي- موراڪو، (7) عبادي الجور- سعودي عرب، (8) بردل ٽوڪن- ترڪي، (9) ميريڪل خليل- لبنان، (10) ربيع ابوالخليل- لبنان، (11) سائيمن شاهين- فلسطين، (12) جارج مارڊي شن- آمريڪا، (13) گورڊن گرڊنا- ڪيناڊا، ۽ (14) زير رجب- يونان وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو