غارا

غارا: هي کماچ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻيءَ آهي. هن ۾ ٻئي گنڌارون ۽ ٻئي نکادون مروج آهن. هن راڳڻيءَ کي مڌر ۽ مڌم اسٿان ۾ ڳائڻ سٺو لڳندو آهي. هي راڳ مسلمانن جو ايجاد ڪيل آهي، آروهيءَ ۾ تيورنکاد ۽ گنڌار لڳايو وڃي ٿو. هن راڳڻيءَ ۾ ڪلياڻ ۽ جهنجهوٽي ملايل آهي. آروهي ۾ ايمن ڪلياڻ ۽ امروهي ۾ جهنجهوٽي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن جي خاص تان، سا، گي ما، ري گا، ني سا ري سا، ڌي نا ڌي، ما يا ڌي ني سا، ري ني سا آهي. هن جي آروهيءَ، ما پا ڌي ني ساري گي ري گي ماپا، ڌي ني سا آهي ۽ امروهيءَ، سا نا ڌي نا يا ماگي ري، سا ني سا اٿس، جڏهن ته وادي سـُر رکب ۽ سموادي سـُر کرج آهي. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو ڪو مقرر وقت نه آهي.
هن کي ڪن راڳ جي ودوانن ڪافي راڳ جي راڳڻي ڄاڻائيندي سندس آروهيءَ ۾ سا- گا- ما- پا- ڌا- ني- سا ۽ امروهيءَ ۾ سا- ني- ڌا- پا- ما-گا، گا- ري- سا، ني (اي) سا- ني- ڌا- سا جا سُر لکيا آهن. هي صبح جي پوئين مهل ڳائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو