غاريقون

غاريقون

غاريقون

غاريقون (Purging Agarics): هي کنڀيءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪا ڦنگي يا نانگ ڇٽ جهڙي ٿئي ٿي. هي basidiomy خاندان جي کنين مان ڳڻي وڃي ٿي. هن کي Amanita musearia جي نالي سان بہ سڃاتو وڃي ٿو. هن جي ڇٽيءَ جهڙي گول مٿي تي اڇا اڇا ٽڪڙا ٿين ٿا، جيڪي هن کنڀيءَ جي خاص سڃاڻپ آهن. هي ننڍي قد جي زمين کان فوٽ سوا تائين مٿي اڀرندي آهي. هي پاڪستان، هندستان، ناروي آمريڪا وغيرہ جي جهنگلن ۾ ڦٽندي آهي. هن جي خوراڪ زمين تي لٽيل ٻوٽا هوندا آهن، جن کان هيءَ کنڀي کاڌو حاصل ڪندي آهي. جو هي وڏن وڻن جي پاڙن ۾ ڦٽندي آهي. هيءَ کنڀي ڪيترين ئي دوائن ۾ استعمال ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو