غار 2

غار (Cherry Laurel): هي هڪ وڏو وڻ آهي. جنهن جا پن ‘من موريو’ جي وڻ جي پنن جهڙا ٿين، جن کي مهٽڻ يا مروڙڻ سان بوءِ ٿئي ٿي. هن جي ڦر کي حب الغار چئجي ٿو. حب الغار ڳاڙهو ڀوراڻ مائل ٿئي ٿو. حڪيمن موجب هي گرم خشڪ آهي. اعصابن کي سڪون ڏئي ٿو. ريح کي تحليل ڪري ٿو ۽ پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿو. ضعيف معده، کنگهه ۽ دم ۾ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو