غازبان
غازبان: هي هندستان، انڊونيشيا ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٿئي ٿو. هن کي اردو ۾ گاؤزبان، انگريزي ۾ Gauzaban ۽ لاطيني ۾ Onosma echioides چئبو آهي. نيم گرم ۽ نيم خشڪ آبهوا ۾ ٿيندو آهي. حڪيمن موجب هن جي گلن ۽ ڏاندين جو عرق صحت افزا آهي. گرمين کي دور ڪري ٿو ۽ جگر ۽ دل کي تقويت ڏئي ٿو. حڪيم هن مان نانگ جي زهر جو ترياق ٺاهين ٿا. هن جي پاڙن مان ريشم جي ڌاڳن کي رنگ ڏيڻ جو عرق ڪڍيو وڃي ٿو. هن جا ڪجهه قسم کير ٿر جي جبلن تي به ملن ٿا.