غازي بروٿا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ

غازي بروٿا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ: غازي بروٿا هائيڊرو پراجيڪٽ، سنڌو نديءَ تي ٻڌل هڪ بند (ڊيم) آهي. سنڌو نديءَ تي ٻڌل هي بند اٽڪ شهر کان 10 ڪلوميٽر اولهه ۾ 330 46" 48" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 720 15" 35" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي واقع آهي. هن پراجيڪٽ جي شروعات ‘غازي گهڙيال پراجيڪٽ’ جي نالي سان 1987ع ۾ ڪئي وئي هئي، ۽ ڪم جي شروعات 1995ع کان ٿي. هن تي 19 کن جنريٽر رکي 290 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هن بند جو افتتاح 19 آگسٽ 2003ع ۾ ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف ڪيو هو. هن پروجيڪٽ تي 2.1 بلين آمريڪي ڊالر خرچ ٿيو. هي بند واپڊا، ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ، جپان بينڪ فار انٽرنيشنل ڪوآپريشن، يورپين انويسٽمينٽ بينڪ ۽ اسلامڪ ڊيولپمينٽ بينڪ جي فنڊن سان جڙي راس ٿيو هو. هن ۾ 1600 ڪيوبڪ ميٽر پاڻي هڪ سيڪنڊ ۾ سنڌو نديءَ مان غازي ڊيم ۾ اچي ٿو، جنهن هنڌ تان سنڌوءَ جو پاڻي ڊيم ۾ پوي ٿو، اهو هنڌ غازيءَ جي نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو تربيلا کان 7 ڪلوميٽر هيٺاهين وهڪري تي آهي. جنهن کان پوءِ اهو پاڻي 100 ميٽر ويڪري ۽ 9 ميٽر اونهي پاور چينل مان گذري ٿو، جيڪو سڄو ڪانڪريٽ سيمينٽ جو ٺهيل آهي، جنهن جي ڊگهائي 52 ميٽر آهي. اهو ڊگهو ۽ اونهو پائيپ غازي کان بروٿا ڳوٺ وٽ پهچي ٿو، جتي بجلي پيدا ڪرڻ جا جنريٽر لڳل آهن.
هتي 295 ميگا واٽ جا فراننس ٽربائين لڳل آهن، انهن جنريٽرن يا ٽربائينن کي داٻ يا پريشر ڏيڻ لاءِ 52 ڪلوميٽر ڊگهو ڪينال ٺهيل آهي، جنهن جو پاڻي سنڌو نديءَ مان کنيو وڃي ٿو، جيڪو انهن پنجن پائيپ لائينن ۾ زور يا داٻ سان اچي ٽربائينس يا جنريٽرن کي هلائي ٿو، جنهن ڪري بجلي پيدا ٿئي ٿي. هن ڊيم ٺهڻ ڪري ماحول تي به ڪافي اثر ٿيا آهن. جن مان وڏو اثر سنڌ تي پيو آهي، جو هتي ڄام شوري واري پل کان هيٺ پاڻي ڪونه ٿو وڃي، جنهن ڪري هيٺين سنڌ سوڪهڙي جو شڪار ٿي آهي ۽ جهنگلي جيوت برباد ٿي رهي آهي. توڙي جو جنهن هنڌ تي ڊيم ٺهيل آهي، اتان جي ماڻهن کي لڏائي ٽن نون ٺهيل ڳوٺن ۾ آباد ڪيو ويو آهي، پر ڀرپاسي جون زمينون هن وقت سم ۽ ڪلر جي ور چڙهيل آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو