غازي شاهه ماڳ جي ھنڌ جو نقشو
غازي شاهه : کوٽائيءَ لاءِ چونڊيل ماڳ
غازي شاهه ماڳ کوٽائيءَ کان پوءِ
غازي شاهه (ماڳ): هن ماڳ کي پياري جي ماڙي، ماڙي کڙ، گاجي شاهه ۽ غازي شاهه ماڳ جي نالن سان سڃاتو وڃي ٿو. غازي شاهه ڳوٺ جي اوڀر وٽ اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڪوهستان جي نهايت اتر واري حصي ۾، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ موجود آهي. ماڳ هڪ دڙي جي صورت ۾ ٻن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. دڙي جي اوچائي زميني سطح کان 11 ميٽر آهي. جيئن کيرٿر جي ويجھو وڃبو تيئن منڇر وارو ميدان مٿانهون ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر ڪٿي ڪٿي اڪيليون ٽڪريون به موجود آهن. انهن ٽڪرين جي ڪري اتر کان ڏکڻ پکڙيل هڪ ٽاڪرو علائقو، ميدان بنجي پيو آهي. ان جي پويان ڀت جبل (جتان هاڻي گئس ۽ پيٽرول جا وڏا ذخيرا لڌا آهن ۽ اڃا ڳولا جاري آهي) نالي هڪ جبل آهي، جنهن جي لام 20 ميل ۽ اوچائي 2790 فوٽ آهي. هن جبل جي هڪ چُگ تي پير غازي شاهه جو مقبرو آهي. غازي شاهه وارو قديم ماڳ سڀ کان اول نيني گوپال مجمدار 31-1930ع ۾ تڏهن کوٽيو جڏهن هو الهندي سنڌ جي قديم آثارن جي ڳولا ڪري رهيو هو. هن دڙي جي اتر واري پاسي ٻه چريون ۽ چار کڏا کوٽيا. اهي کڏا ٿوري ايراضيءَ ۽ اونهائيءَ ۾ هنيا ويا هئا. پهريون کڏو 42x15 فوٽ ۽ ان جي اونهائي 15 فوٽ هئي. هن کي اتان ٽن تهن جي اهڃاڻ مليا هئا. مٿئين تهه مان ورن وڪڙن سان پٿر جون ڀتيون به لڌيون. اهي ڀتيون ٻه فوٽ اٺن انچن کان چئن فوٽن جي اونهي کوٽائي دوران ظاهر ٿيون. ٽئين تهه ۾ ٺڪراٺو مليو. اهو ٺڪراٺو ڳاڙهي مٿان ڪاري چٽسالي وارن ٿانون جو هو. ڪٿي ڪٿي ميٽوري رنگ وارن سيمون ڪندڙ ٿانون جون ٺڪريون به هيون. جيڪي ساديون هيون. ٺڪر تي ڪوبه رنگين چٽ نڪتل ڪونه هو. اهي ٺڪريون زمين جي تهه ۾ ڇهه فوٽ هيٺ تري مان مليون. هيٺين تهه جي تري کان 2 فوٽ مٿي ٻه رنگو چٽسالي وارو ڄاتل سڃاتل آمريءَ جو ٺڪر مليو هو. کڏ نمبر ٻين دڙي جي چوٽيءَ کان 17 فوٽ هيٺ تائين هنئي ويئي. هتان به آمري ٺڪر سان ڀيٽڻ جھڙو ٺڪراٺو مليو هو. کڏ نمبر 2 کان 5 تائين کڏون مختلف ماپن جون کوٽيون ويون هيون. هتان مجمدار کي گھڻو ڪري آمري وارو ٻه رنگو ٺڪر مليو. پر ڪجهه تعداد ۾ ڳاڙهي تي ڪاري چٽسالي وارو سنڌو تهذيب جو ٺڪر به مليو هو. تاريخ کان پوئين دور سان لاڳاپيل شيون مجمدار صاحب کي دڙي نمبر 6 مان هٿ آيون. هتي پٿر جي ٺهيل ڀت دڙي کان هيٺ 14 فوٽن جي کوٽائي کان پوءِ نڪتي، کيس هن ڀت جي پاسي مان ڪافي ثقافتي وٿون هٿ آيون. هتي مٿيون تهه اسلامي دور جو هو. هتان کيس ڳاڙهي مٿان ڪاري چٽسالي وارو ٿانوءَ، ڍڳي جي چٽ وارو ٿانو، هن چٽ وارو ٿانوءُ موهين جي دڙي ۽ هڙاپا مان تمام گھٽ مليو آهي. باقي ڍڳي جون مورتيون اتان گھڻيون مليون آهن. غازي شاهه جي ٿانون جي چٽسالي ۾ ڳن واري ڍڳي جو چٽ عام آهي. چٽن ۾ هڪ چٽ سنڱن واري چوپائي جو آهي، جنهن کي سرهه يا روجهه چئجي ٿو. ان کان سواءِ مور، مور جي وات ۾ نانگ ۽ ٻين پکين جا ٺڪر تي چٽ مليا هئا. چٽن ۾ مهندسي چٽن وارو ٺڪر ۽ ٻوٽن وارن چٽن جي ٺڪرين جو تعداد به چڱو خاصو هو. ٻن رنگن واري چٽ وارو ٿانوءَ، جيڪي جسامت ۾ سنها، رنگ ۾ ميٽوڙي يا ڦڪا يا ڳاڙهسرا آهن سي آمري ٺڪر سان ڀيٽڻ جھڙا آهن. ان کان سواءِ ٺڪر جا رانديڪا، ٻارن جي راند جون ڏاند گاڏيون، چٽيل جھنجھڻ، زيورن جا ڊگھا گول مڻيا، ٺڪر جون چٽيل چوڙيون، ٽامي جا گول مڻيا، ٽامي جا ڇلا، چوڙيون ۽ چانديءَ جون منڊيون به مليون هيون. پٿرن جي اوزارن ۾ تيرن جون چهنبون، پٿر جي آر، ڇيڻي وغيره به مليون. وڌيڪ تحقيق لاءِ ناني گوپال مجمدار کي وقت نه مليو جو کيس انهيءَ ڳولا ۽ تحقيق دوران قتل ڪيو ويو. پوءِ هن ماڳ تي ڪنهن جوڌيان ڪونه ويو. 1985ع سنڌ آرڪيالاجيڪل پروجيڪٽ جنهن جو سرواڻ آمريڪي آرڪيالاجسٽ لوئيس فليم هو، ان جي نگراني ۾ 1985ع کان 1987ع تائين کوٽائي هلي. (2009ع ۾ موصوف 15 ڏينهن کن غازي شاهه تي ڪم ڪري ويو آهي). پهرين سال کوٽائي جو عرصو تمام ٿورو هو پر 1986ع ۽ 1987ع جي مندن ۾ ٽن ٽن مهينن لاءِ کوٽائي ۽ تحقيق جو ڪم هليو. جنهن ۾ تاج صحرائي مرحوم به ساڻس ڪي قدر ساٿ ڏنو.
غازي شاهه ماڳ جي پکيڙ اتر ڏکڻ 136 ميٽر ۽ اوڀر اولهه 124 ميٽر جڏهن ته ڪل ايراضي 1.69 هيڪٽرن تي مشتمل آهي. دڙو زميني سطح کان اڄڪلهه 11 ميٽر اوچو آهي (1987ع). دڙو گھڻو ڪري جابلو نين جي ٻوڏن جي منهن ۾ رهندو آيو آهي. ان لاءِ ٿي سگھي ٿو ته دڙي تي والار وارا ڪجهه تهه لڙهي به ويا هجن يا ڪي حصا ضايع به ٿيا هجن. ۽ دڙو ڪنهن سمي اڃا به وڏي ايراضي ۾ پکڙيل هجي. دڙي جو اولهه وارو حصو، اوڀر، اتر ۽ ڏکڻ واري حصي جي لاهاندين کان وڌيڪ اوچائيءَ وارو آهي. الهندي حصي تي ٻين حصن جي مقابلي ۾ وڌيڪ وڻڪار آهي. جڏهن ته ٻين حصن تي ننڍا وڏا جهنگلي ٻوٽا ڦٽي آيا آهن. دڙي جي اولهه واري حصي جي مٿاڇري تي ڪابه ثقافتي وٿ نظر نٿي اچي. جڏهن ته باقي حصا وٿن (جن ۾ ٺڪراٺو، ٺڪر جون مورتيون، ٺڪر جون چوڙيون ۽ مڻڪا وغيره) سان ڀريل نظر اچي ٿو. هتي پٿرن جا ٽڪرا به مليا آهن. جن کي اسان لسا پٿر (Shingle) ڪري ڪوٺيون ٿا. هن تازي کوٽائي ۾ ڏٺو ويو ته اهي پٿرن جا ٽڪرا گاري سان گڏيل هئا. اهي ڀتين جي اوساري ۽ لنب ۾ ڪم آيل ٿي ڏٺا ۽ وقت گذرڻ سان انهن جي مٿان مٽيءَ جا چاپوڙا لهي يا ڳري ويا آهن، باقي پٿرن جا ننڍا ٽڪر زمين تي رهجي ويا. مٿاڇري تان ملندڙ ٺڪراٺو اهڙو هو جهڙو بلوچستان جي ماڳن نال ۽ انجيرا تان مليو آهي. ٺڪرين جا ڪافي نمونا ڪوٽڏيجي، آمري ۽ هڙاپا دور جي ماڳن تان ملندڙ ٺڪرين جھڙا هئا. اهي نمونا اڳيئي سنڌ جي ماڳن تان مليا آهن. دڙي جي اترندي اولهه، اتر ۽ اتر - اوڀر وارن حصن ۾ مٿاڇري تي ملندڙ ٺڪراٺو گڏيل سڏيل آهي. دڙي جي اوڀر ۽ ڏکڻ واري حصي تي صرف اهي وٿون مليون آهن جن جو واسطو هڙاپائي دور جي وٿن سان آهي. خاص طور تي ڏاکڻي اڀرندي لاهي وٽ چٽيل هڙاپائي ٺڪر سان گڏ ڪلي گل محمد دور جو ٺڪر جنهن تي ڍڳي جو چٽ چٽيل آهي، گڏيل ملي ٿو.
ايراضي نمبر 1: غازي شاهه دڙي جي اتر الهندي پاسي کان ارادتاً دڙي جي مٿاهين کان سنوت واري پاسي، هيٺ دڙي جي لاهاندي کان کوٽائي شروع ڪئي وئي. پهرين ايراضي 5x6 ميٽر چونڊي ويئي، جيڪا سنوت ۾ دڙي جي مٿاهين تي هئي. کوٽائي اٽڪل 55 س.م جي اونهائي ۾ ڪئي ويئي. جتان گھڻو ڪري اسلامي دور جي ثقافتي والار جون وٿون مليون. هتان سخت چيڪي مٽيءَ جو سنهو ۽ سوڙهو تهه مليو. ايراضي نمبر 1 مان هيٺ تري تائين ملندڙ وٿن ۾ سادو ۽ چمڪندڙ ٺڪراٺو، ٺڪر جا مڻيا، شيشي جا مڻيا، پٿر جون چوڙيون، پٿر جا مڻيا، گول منڊي نموني لوهه جا ٽڪرا شامل آهن. انهيءَ لوهي منڊي نموني وٿ جو ٻاهريون قطر 12.85 س.م ۽ اندريون قطر 6.80 سينٽي ميٽر هو. ان کانسواءِ لوهه جون اهڙيون وٿون به مليون آهن جن جي سڃاڻپ نه ٿي آهي. هتان ڪجهه سڪا به هٿ آيا آهن. جيڪي مغلن جي دور جا آهن.
ايراضي نمبر 2: ايراضي نمبر 1 سان گڏ ئي ڇهه ميٽر ويڪري ۽ ساڍا نو ميٽر ڊگھي ٻي کڏ کوٽي ويئي. انهيءَ کڏ جي ڊگھاڻ دڙي جي سِڌَ ۽ لاهانڊي واري پاسي کان شروع ٿي هيٺ تي لهندي ٿي آئي. پهرين ٽن ميٽرن جي کوٽائي ۾ ڀتين جا نشان مليا جيڪي ڪنهن ڪمري جا هئا. پهريون ڪمرو کوٽائي جي حدن ۾ هو، جنهن جي ٻن ڀتين جا نشان ظاهر ٿيا هئا. ڪمرن جون ڀتيون گاري ۽ پٿرن سان اوساريل هيون. هتي ثقافتي وٿون ڇڊيون پاڊيون مليون پر هڙاپا دور سان ڀيٽڻ جھڙو ٺڪراٺو، ڪوڏيون، سنگ جراحت جا مڻيا، ٽڪنڊيون خوبصورت ٽڪيون وغيره ملندڙ نوادرات ۾ شامل آهن. هتان ڪارو چٽ، گھري ڳاڙهي پٽيءَ سان به مليو آهي جيڪو بلوچستان جي ماڳ نوشهري جو دور ID سان ڀيٽڻ جھڙو آهي. هن جي ريڊيو ڪاربان ڊيٽ هيٺ ڏجي ٿي.
BETTA BP Calibrated 2425-160 BC
BETTA 33358 BP Calibrated 2915-2635 BC
ايراضي نمبر 2 جي پهرئين چئن ميٽرن جي کوٽائي ۾ اڏاوتن/ڀتين جا نشان ملن ٿا، جيڪي يقيناً ڪمري جون ڀتيون آهن. اهي ڀتيون پٿر ۽ گاري سان ٺهيل آهن. انهن ڀتين جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ 3.70 ميٽر ۽ موڪر 44 س.م ٿيندي. انهيءَ هنڌ تي کوڙ ساترا ڪمرا معلوم ٿين ٿا. پر انهن ۾ ڪابه ترتيب ڪانه آهي. لاهاندي تان دڙي کي هيٺ کوٽيندي تقريباً چئن ميٽرن جي کوٽائي کانپوءِ 9 ڀتين جا ٻيا نشان به مليا آهن. اهي ڀتيون نه ڪنهن ٻي ڀت سان ڳنڍيل آهن نه جڙيل. دڙي جو اهو حصو خاص طور تي کاڌ سبب تباهه ٿيل آهي. کوٽائيءَ دوران ان حصي ۾ ڪڏهن پاڻي سبب ته ڪڏهن کاڌ سبب ثقافتي وٿون ضايع ٿيل حال مليون آهن. پوءِ به دڙي جي هن حصي تي ثقافتي وٿن جي گھڻائي آهي. هتي هر هڪ ڀت جي بنياد جي گھرائي مختلف ڏسڻ ۾ آئي. ڪٿي ڪٿي پٿر جي پيڙهين جا نشان هڪٻئي سان ڪنهن حد تائين ڳنڍيل ۽ جڙيل به مليا آهن. پر انهن جون سنوتون (Levels) مختلف آهن. مذڪوره ڀتين مان هڪ ڀت جا چار بار سلامت آهن جيڪي پٿر ۽ گاري مان جوڙيا ويا آهن، ڪن ڀتين جو هڪ بار سلامت آهي، ڪن هنڌن تي مورڳو ڀتيون ڪچين سرن جون آهن. انهيءَ هنڌان پٿر، سپيون (Shells)، سنگ جراحت جا مڻيا (Steatite) ۽ فيروزا (Lapis Lazuli) اوجر ٿيل مليا آهن. اهي مڻيا زيورن طور استعمال ٿيندا هوندا. ان کانسواءِ ٽنگرن (Perforated) ٺڪراٺو، ٺڪر جا وڏا مڻيا، چقمقي پٿر جا ڪمايل ٽڪرا، پٿر جون ڇرڙيون، پٿر جا وڏا گولا (Stone Bars) به هٿ آيا آهن. ٺڪراٺي ۾ ڪلي (Kulli) ڪلچر جي نموني جا پيالا، تهه ٿيل ڪٽورا به مليا آهن. انهن جي ريڊيو ڪاربان ڊيٽ هيٺ ڏجي ٿو:
BETTA 32804 BP 3040 B.C
ايراضي نمبر 2 جي صفا هيٺين ٽن ميٽرن مان، جيڪي لاهاندي وٽ آهن اتان ستن ڪچين ڀتين جا نشان مليا آهن، جن جو هڪ يا ٻه بار سلامت آهي. اهي ٻن ڪمرن جون ڀتيون ڀاسن ٿيون. اهي ڀتيون 1.80 ميٽر ڊگھيون، 20.5 س.م موڪريون آهن. اهي ڀتيون ڪچين سرن جون آهن. جن جي ماپ 38x16-8x8.10 س. م. آهي. ڀتين کي گاري سان لنبيو ويو آهي. بنياد ۾ پيل پٿرن جي ماپ مختلف آهي. جيڪا 15،25،36 س.م جي ماپي ويئي. هن ايراضي مان به پٿر جون ڇرڙيون، سنگ جراحت جا مڻيا، سنگ سليماني جا مڻيا، فيروزي جا مڻيا ۽ ٺڪراٺو جام ملي ٿو. ايراضي نمبر 3: ايراضي نمبر 3، ايراضي نمبر 2 کان ڏيڍ ميٽر کن پري کوٽي وئي. هن حصي ۾ کوٽائي دڙي جي لاهي وٽان مٿان کان هيٺ ڇهن فوٽن تائين ڪئي وئي. دڙي جي مٿاڇري جي ٿورو هيٺان 15.10 س.م جي کوٽائي کان پوءِ ڪمرن جا نشان مليا. جن جون ڀتيون زبون ۽ ڪچين سرن جون هيون. انهن ڀتين جو نمونو به ايراصي نمبر 2 مان مليل ڀتين جھڙو هو جن جي پيڙهه پٿر جي هئي. اها پيڙهه ڪٿي ٻن ته ڪٿي ٽن بارن تي مشتمل ملي. سرن جي مٽيءَ جي جڏهن پڙتال ڪرائي وئي ته معلوم ٿيو ته اها مٽي اتان ڀرپاسي مان کڻي سرون وڌيون ويون هيون. ڪل نو ڪمرا کوٽي ڪڍيا ويا. جتي کوٽائي ٿي رهي هئي. اتي صرف ٽي ڪمرا هئا. باقي ڪمرا کوٽائي واري حدن کان ٻاهر هيا. اهي ڪمرا تمام ننڍڙا هئا. شايد گودام يا ڀانڊي طور ڪتب ٿي آيا. سڀئي ڪمرا تهه تائين کوٽيا ويا. ٻه ڪمرا تقريباً 2x3 ميٽرن جي ماپ جا هئا. هڪ ڪمري ۾ هڪ جارو به ٺهيل هو جنهن ۾ هڪ گول پٿر ۽ ٻه جنڊ پيل هئا. هن ايراضي ۾ ثقافتي وٿون هيٺ کان مٿي تائين جھجھي انداز ۾ هيون. ملندڙ ٺڪراٺو گھڻي ڀاڱي آمري جي ID, IC, IB، انجيرا ماڳ جو دور III، توگو، نال ۽ ڪوٽڏيجي جي ٺڪر سان ڀيٽڻ جھڙو مليو آهي. اتان ملندڙ ٺڪراٺي مان ٽنگر ٿالهين جا ٽڪر، ٺڪريون، چوڙيون، ڍڳي جي مورتي، هڏن مان ٺهيل اوزار، چقمقي ڇريون، پاهڻي بڻ (Core)، ڪجهه اڻ ڪمايل ڇرين جا ٽڪر، ڪافي تعداد ۾ جنڊ ۽ وڏا گول پٿر مليا آهن. ايراضي نمبر 3 مان ڪيترن ئي قسمن جا مڻيا به مليا آهن. جن ۾ ڪوڏيءَ جا مڻيا، ٽامي جا مڻيا، ٺڪر جا مڻيا، فيروزو، سنگِ جراحت جا مڻيا، سنگ سليماني جا مڻيا ۽ عقيق جا مڻيا خاص آهن. انهن مڻين ۾ ٽن ملي ميٽر جو آرپار سوراخ به نهايت صفائي سان نڪتل آهي. اتان ئي چقمقي پاهڻ جو سوراخ ڪڍڻ وارو برمو (سراهي) به مليو آهي. اهڙن ننڍڙن مڻين ۾ سوراخ ڪرڻ ۽ انهن جي سوڌ سنوار ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر هتي جا ماڻهو انهيءَ فن ۾ تمام گھڻو ڀڙ هئا. ان قسم جا مڻيا جن کي آرپار سوراخ نڪتل هجي اسان کي چانهون جي دڙي، شهر سوخته II-III (بلوچستان)، ميهر ڳڙهه III مان به مليا آهن. هن ايراضي مان مليل وٿن جي ڪاربان ڊيٽ هيٺ ڏجي ٿي.
BETTA 18536 BP 3375-3145 BC
BETTA 18537 BP 3370-2970 BC
هي مڻيا ڪمرن مان مليا آهن. ڪي عقيق ۽ فيروزن جا مڻيا اهڙا به مليا آهن جن کي اڃا سوراخ ڪڍيو ئي نه ويو آهي. اهي مڻيا سوڌ سنوار جي مختلف مرحلن ۾ هئا. اهي نه لسا هئا ۽ نه وري انهن کي ڪو ڪاريگر جو هٿ لڳل هو. هتان ماڃارو (Polisher) پٿر به مليو آهي جنهن تي گسائي مڻين کي لسو ۽ مختلف روپ ڏنو ويندو هو.
1. Exploration in Sindh by N.G Mujamdar
2. Excavation at Ghazi Shah 1985-1987
3. سنڌو تهذيب- تاج صحرائي.