غازي صلاح الدين (ڪتاب)

غازي صلاح الدين (ڪتاب)

غازي صلاح الدين ڪتاب

غازي صلاح الدين (ڪتاب): هي سر والٽر سڪاٽ جي ڪتاب ‘ٽيلسمن’ (طلسم) جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ گڏجي ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ‘منڍ’ جي عنوان سان ڀيرو مل مهرچند لکيو آهي ته، “ساڌو هيرانند ٽيلسمن (طلسم) جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو، پر ترجمي مڪمل ڪرڻ کان اڳ پاڻ ديهانت ڪري ويو، جنهن ڪري ڪتاب جو رهيل حصو مون ترجمو ڪري مڪمل ڪيو.” ڪتاب ۾ سر والٽر سڪاٽ جو تعارف پڻ ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب کي 18 بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي سمورا باب ترتيبوار مختلف عنوانن سان آهن. هن ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو، ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد سان سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1983ع ۾ ڇپيو. ڪتاب 210 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 12 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو