غازي غلام حسين شاهه ’سائل‘:غازي غلام حسين شاهه ’سائل‘ بخاري 1926ع ڌاري ضلعي بدين ۾ نندي شهرکان 6 ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ علي بخش پنهور(گابرلو شريف) ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو عبدالرحيم عرف الهڏنو شاهه هو، جيڪو پڻ لاڙ جو سٺو مولودي هو. ضلعي بدين ۾ هن جو حسب نسب جهانيان خاندان جي مخدوم جهانيان جهان گشت جي فرزند ناصرالدين محمود سان ملي ٿو. هنن جا وڏا ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيا، ۽ لاڙڪاڻي جي ڀرسان اچي آباد ٿيا، بعد ۾ انهن جي اولاد مان ڪي ڳوٺ گابرلو شريف ۾ اچي آباد ٿيا.
غازي غلام حسين شاهه ننڍي عمر کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. اڳتي هلي لاڙ جي سٺن مولودين ۾ شمار ٿيو. هن جي ٽولي کي ‘سيدن جو مولودي ٽولو’ جي نالي سان سڏيندا هئا. پاڻ 1965ع کان مولود پڙهڻ ڇڏي ڏنائين، جڏهن ته شاعري جاري رکيائين. سندس شاعري مذهب جي موضوع تي آهي. سندن خاندان اڳتي هلي ٽنڊي باگي لڳ سيدآباد کي پنهنجو مسڪن بڻايو، جتي علم ۽ ادب کي پروان چڙهائڻ لاءِ هن بزرگ جي نالي سان ’سائل پبليڪيشن‘ قائم ڪئي، جنهن تحت هن جا ڪتاب ’سائل جو سوال‘ ۽ ’سائل جو سنيهو‘ منظر عام تي آيا. هن جي ڳوٺ ۾ سندس ياد ۾ ’سائل‘ جي نالي سان مدرسو پڻ قائم ٿيل آهي، جنهن مان ڪيترائي طالب علم قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. غازي غلام حسين شاهه ’سائل‘ بخاري 21 جون 1989ع بمطابق 16 ذوالقعد تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ سيدآباد لڳ ٽنڊو باگو ۾ آهي، جتي هر سال ’سائل‘ جو ساليانو عرس مبارڪ منعقد ڪيو ويندو آهي. انهيءَ موقعي تي عظيم الشان اولياءَ ڪانفرنس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو آهي، جتي ناليوارا عالم سڳورا خصوصي خطاب ڪندا آهن ۽ سڄي رات مولود جي محفل ٿيندي آهي.