غاشيه، سورت: 26 آيتن ۽ هڪ رڪوع تي مشتمل قرآن شريف جي نمبر 88 سورت الغاشيه مڪي شريف ۾ نازل ٿي. غاشيه جي معنيٰ آهي ڍڪڻ واري شيءِ. هن سورت ۾ انهن ماڻهن، جيڪي غفلت ۾ پيل آهن، انهن کي چيو ويو آهي تہ توهان کي ان آفت جي بہ خبر آهي جيڪا سڄي ڪائنات کي گهيري وٺندي ۽ ان وقت انسان ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويندا. انهن مان هڪڙو ٽولو دوزخ جو سخت عذاب لوڙيندو ۽ ٻيو ٽولو جنت جا مزا ماڻيندو. هن سورت جي آيت 17 کان 20 تائين هن ڳالھہ جو ذڪر آهي تہ انسان پنھنجي چوڌاري انهن شين کان سبق نہ ٿو سکي، جن سان ان جو هر وقت واسطو رهي ٿو تہ اهي ڪهڙي ريت ٺاهيون ويون آهن ۽ اهو خدا جيڪو انهن سڀنيءَ جو خالق آهي، اهو هن ڳالھہ تي قادر ڪيئن نہ آهي جو انسان کي ٻيهر پيدا نہ ڪري سگهي. آخري آيتن ۾ حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي فرمايو ويو آهي تہ: “جيڪڏهن اهي هٺيلا ۽ ضدي ماڻهو توهان جي ڳالھہ نہ ٿا مڃين تہ نہ مڃن، توهان جو انهن کي زوري مڃائڻ ڪم ناهي، توهان انهن کي فقط نصيحت ڪري ڇڏيو، باقي انهن سان ﷲ تعالى پاڻهي حساب ڪتاب ڪري وٺندو ۽ ﷲ اهڙن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.”