غالب لطيف: مضمون نگار، شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ صحافي غالب لطيف ولد مھتاب احمد قريشي 22 آڪٽوبر 1933ع تي جيڪب آباد جي هڪ پنجابي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. صحافت ۾ ايم. اي ڊپلوما ڪئي. جيڪب آباد ۾، سنڌي ادب جي آبياري ۾ سندس اهم ڪردار رهيو، جتي هن مختلف ادبي انجمنون قائم ڪيون. 1952ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو. 1965ع ۾ ‘جھاد’ ۽ ‘سارنگ’ روزاني اخبارون جاري ڪيون. 1970ع ۾ جيڪب آباد ۾ پريس ڪلب قائم ڪئي. ‘حفيظ ٿئيٽرز’ جو بنياد وجهي، سماجي ۽ مزاحيه موضوعن تي ڊراما لکيا ۽ اسٽيج ڪرايا، جن مان ‘لاچار’ (1957ع)، ‘ڪامياب ڪوڙو’ (1960ع) ، ‘مرشد’، مارئي جي ڪردار تي ‘سنگهارن جي سار’ (1965ع)، ‘چورن مٿان مور’ (1951ع)، ‘لالا خسته، ڳاڙهي ساڙهي، ڊيوٽي’ (1976ع) ، ‘انتظار’ (1976ع) ۽ ‘موٽ’ (1969ع) ‘نئين زندگي ’ سميت مختلف سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيا. ڪجهه ٽيبلو به لکيا، جن ۾ ‘وڍيل ٿي وايون ڪري’، ‘پنهون '>سسئي پنهون ’ ۽ عمر مارئي’ گهڻو مقبول ٿيا. سندس ڊراما جيڪب آباد کانسواءِ ڪنڌڪوٽ، حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ اسٽيج ٿيا. سندس افسانن جو ڪتاب ‘سندي سڪ پرين’ (1968ع) ۾ شايع ٿيو. هِن 1974ع ۾ انفارميشن کاتي، اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو. 25 مئي 1983ع ۾ وفات ڪئي.
1933.10.22 عيسوي
مضمون نگار، شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ صحافي غالب لطيف ولد مھتاب احمد قريشي 22 آڪٽوبر 1933ع تي جيڪب آباد جي هڪ پنجابي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.
1983.05.25 عيسوي
غالب لطيف 25 مئي 1983ع ۾ وفات ڪئي.