غالب ملڪاڻي

غالب ملڪاڻي

غالب ملڪاڻي

غالب ملڪاڻي: نامور شاعر غالب ملڪاڻيءَ جو اصل نالو احمد مجتبى آهي. غالب ملڪاڻي ولد مخدوم غلام احمد 15 مئي 1932ع تي ملڪاڻي شريف ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد علامہ مخدوم غلام احمد ملڪاڻي وقت جو وڏو عالم هو. غالب ملڪاڻي ابتدائي تعليم مختلف مدرسن مان عربي ۽ فارسي ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ تائين تعليم ۽ سنڌي جي تعليم محمدن اسڪول ملڪاڻي شريف مان حافظ محمد احسن چنه کان حاصل ڪئي. غالب ملڪاڻيءَ کي ننڍي هوندي کان ئي علم ۽ ادب سان وڏو چاھہ هو. هن پنھنجي شاعري جي اصلاح برک شاعر محترم محمد بخش ’واصف‘ کان ورتي. غالب ملڪاڻي 1952-1953ع ڌاري ‘انجم آفتاب دادو’ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو ٻہ سال جنرل سيڪريٽري بہ رهيو ۽ هڪ تنظيم ‘جوهر ادب ’ لاءِ بہ خدمتون سرانجام ڏنيون. غالب ملڪاڻي شاعريءَ جي صنف غزل تي ڪافي ڪم ڪيو. هن شاعريءَ جو باقاعدہ آغاز 1945ع ڌاري ڪيو. غالب ملڪاڻيءَ جي تصنيف ۽ تاليف ۾ ڪيترائي ڪتاب آهن، جن ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ ’ماڪ ڦڙا‘، شاعري ۽ شاعري جي تاريخ‘، ’شھاب ثاقب‘ (اردو ۾)، ’برڪات نقشبند‘ (اردو ۾) ۽ ’انوار قديسه‘ وغيرہ آهن. ان کان سواءِ ٻيا 50 کن ڪتاب سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهن. پاڻ 21 جنوري 2008ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو ۽ اتي ئي پنھنجي والد جي ڀرسان دفن آهي.


لفظ غالب ملڪاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو