غدار

غدار

غدار

غدار (ڪتاب): هيءُ ناول هندستان جي اردو ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ترجمو نامور ترجمي نگار ۽ اديب ولي رام ولڀ ساڳئي نالي سان ڪيو آهي. هيءُ ناول ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ ۽ ڪجهه وقت پوءِ جي لڏپلاڻ جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جنهن جو مهاڳ سنڌيءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل جو لکيل آهي.
هيءُ هڪ شاهڪار ناول آهي، جنهن جا مختلف ادارن پاران چار ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. ڪرائون سائيز، ڪچي جلد سان 110 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو طارق اشرف جي اشاعتي اداري ‘اداره ادبِ نؤ حيدرآباد ’ پاران 1968ع ۾، ٻيو ڇاپو ڪرائون سائيز ڪچي جلد سان 136 صفحن تي مشتمل ٻيو ايڊيشن سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1980ع ۾، ٽيون ڇاپو ڪرائون سائيز، ڪچي جلد سان 136 صفحن تي مشتمل سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1983ع ۾ ڇپيو، چوٿون ڇاپو ڪرائون سائيز سان 136 صفحن تي مشتمل روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 25 روپيا آهي. هيءُ ساڳيو ڪتاب تاج شيخ پڻ ترجمو ڪيو، جيڪو خديجا پبليڪيشن حيدرآباد/ نواب شاهه پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو.


لفظ غدارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو