غدود (Gland)

غدود (Gland)

پچيوٽري غدود

پچيوٽري غدود

غدود Gland

غدود (Gland): سنڌي لغت موجب غدود کي ماس جو ڳوڙهو، چرٻي دار ماس، سڻڀو ڳوڙهو، خلط چئجي ٿو. انساني جسم ۾ موجود ماس جي ڳوڙهن کي غدود چئجي ٿو. هي غدود ڪيميائي مادا جنهن کي هارمونس سڏبو آهي، پيدا ڪن ٿا، جيڪي سڌو سنئون رت ۾ نيڪال ٿيندا آهن. هارمونس پيغام پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن ۽ جسم جي مختلف حصن ڏانهن پيغام کڻي وڃڻ ۽ اچڻ ۾ مدد ڪندا آهن. هارمونس جسم مٿان ڪيترن ئي مختلف طريقن سان اثر انداز ٿيندا آهن. ڪجهه جسم جي واڌ تي اثر ڪندا آهن ۽ ڪجهه هارمونس وري ٻين غدودن جي مٿان انهن جا هارمون نيڪال ڪرڻ واسطي اثر انداز ٿيندا آهن. انسان جي جسم اندر ڇهن قسمن جا غدود ٿين ٿا، جيڪي هن ريت آهن:
(1) پچيوٽري غدود: هي غدود گول يا بيضوي شڪل جو ٿئي ٿو، جيڪو دماغ جي اڳئين حصي ۾ هوندو آهي. هي گهٽ ۾ گهٽ نو مختلف هارمون پيدا ڪندو آهي، جنهن مان ڪجهه ٻين عضون مٿان اثر ڪري هارمونس پيدا ڪندا آهن. مثال طور: ٿائرائيڊ، ايڊرينل، ٻچيداڻي ۽ خصيا، پچيوٽري غدود هڪ اهم عضوو آهي، جيڪو مختلف اينڊوڪرائين غدودن ۽ بين ڪمن کي ڪنٽرل ڪري ٿو.
(2) ٿائرائڊ غدود: هي غدود هڪ عضون جو جوڙ آهي، جيڪو ڳچي جي مٿئين حصي ۾ هوا واري نالي جي سامهون ٿئي ٿو. هي هڪ هارمون پيدا ڪندو آهي، جنهن کي ٿائراڪن چئبو آهي. ٿائراڪن پيدا ڪرڻ لاءِ آئيوڊين جي ضرورت ٿئي ٿي. ٿائراڪسن جسم جي سڀني گهرڙن جي ميٽابولزم لاءِ نهايت ضروري هوندو آهي ۽ گهرڙي جي ساهه کڻڻ واري عمل دوران آڪسيجن جي ڪيفيت جي شرح ۽ گرمي جي پيداوار مٿان اثر انداز ٿيندو آهي.
(3) پيراٿائرائڊ غدود: هي غدود، ٿائرائڊ غدودن ۾ اندر هوندو آهي. پيراٿائرائڊ هارمون رت ۽ هڏن ۾ ڪيلشيم ۽ فاسفورس جي مقدار کي ڪنٽرول ۾ رکي ٿو.
(4) لبلبو: هي غدود هاضمي جي رطوبت تيار ڪندو آهي. هن جي نالي ۾ غدودن جا ننڍا ننڍا ميڙ پڻ ٿين ٿا، جنهن کي سائنسي ٻولي ۾ آئليٽس (Islets) چئبو آهي. هن قسم جا هارمون رت اندر گلوڪوس جي مقدار کي جيري جي گهرڙن مٿان اثر انداز ٿي ڪنٽرول ڪن ٿا.
(5) ايڊرينل غدود: هي پڻ جوڙي جي شڪل ۾ ٿيندا آهن ۽ پيٽ جي غلاف اندر بڪين جي مٿان ٿين ٿا. هي ڪيترائي اسٽيرائيڊ هارمونس ٺاهين ٿا، جيڪي رت ۾ موجود گلوڪس ۽ معدنيات مثال طور سوڊيم، ڪئلشيم کي ڪنٽرول ڪن ٿا. جيڪي پڻ هارمون ايڊرينل ٺاهين ٿا، جيڪي ڪاوڙ، خوف ۽ جذبات وارين حالتن کي ضابطي ۾ رکن ٿا.
(6) ٻچيداڻي ۽ خصيا: هي نه صرف پيدائشي عضوا آهن، جيڪي جنسي گهرڙا پيدا ڪن ٿا. پر ساڳئي وقت ڪيترائي اسٽيرائيڊ هارمون پڻ پيدا ڪن ٿا، جنهن ڪري هنن کي اينڊوڪرائين غدود پڻ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو