غريب شاهه جو قبرستان: هي تاريخي قبرستان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ نئين ديري شهر جي اوڀر ۾ آهي. هن قبرستان واري جاءِ تي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شاهه بهاري جنگ پڻ وڙهي هئي. غريب شاهه، شاهه بهاري جو ساٿي هو، جنهن جي مزار هن ئي قبرستان ۾ آهي. ان ڪري هي قبرستان سندس نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. روايت آهي ته شاهه بهاري کانسواءِ ٻين به هتي ڪيتريون جنگيون وڙهيون. هن قبرستان ۾ ڪيترن ئي گمنام شهيدن جون مزارون پڻ آهن. هي قبرستان سٺ جريبن تي ڦهليل آهي، موجوده وقت ۾ قبرستان جو ڪافي حصو مقامي بااثر ماڻهن پنهنجي قبضي ۾ آڻي زرعي آبادي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن سبب ڪيتريون تاريخي قبرون ميسارجي چڪيون آهن. هن مقام کي ڪي ماڻهو ‘شهيدن جو مقام’ پڻ سڏين ٿا.