غريب شاھہ جو قبرستان: هي تاريخي قبرستان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ نئين ديري شھر جي اوڀر ۾ آهي. هن قبرستان واري جاءِ تي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ شاھہ بھاري جنگ پڻ وڙهي هئي. غريب شاھہ، شاھہ بھاري جو ساٿي هو، جنهن جي مزار هن ئي قبرستان ۾ آهي. ان ڪري هي قبرستان سندس نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. روايت آهي تہ شاھہ بھاري کانسواءِ ٻين بہ هتي ڪيتريون جنگيون وڙهيون. هن قبرستان ۾ ڪيترن ئي گمنام شھيدن جون مزارون پڻ آهن. هي قبرستان سٺ جريبن تي ڦهليل آهي، موجودہ وقت ۾ قبرستان جو ڪافي حصو مقامي بااثر ماڻهن پنھنجي قبضي ۾ آڻي زرعي آبادي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن سبب ڪيتريون تاريخي قبرون ميسارجي چڪيون آهن. هن مقام کي ڪي ماڻهو ‘شھيدن جو مقام’ پڻ سڏين ٿا.