غزالا بتول
غزالا بتول: عوامي تحريڪ جي عورت ونگ ‘سنڌياڻي تحريڪ’ جي متحرڪ اڳواڻ غزالا بتول جو جنم 1969ع ڌاري پاٽ، ضلعي دادوءَ جي صديقي خاندان ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس ماءُ جو تعلق ڪراچيءَ جي لياريءَ جي بلوچ خاندان سان هو. سندس مامو مشهور مزدور ليڊر عثمان بلوچ هو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ 1984ع ۾ اين. جي. وي اسڪول ڪراچيءَ، انٽر گورنمينٽ زبيده ڪاليج حيدرآباد، ماسٽرس ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان صحافت ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پي آءِ اي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي سماجي ڀلائيءَ جي شعبي ۾ دلچسپي هئي. هن عورتن جي حقن جي حاصلات ۽ جاڳرتا لاءِ سنڌياڻي تحريڪ ۾ ڪارڪن طور حصو ورتو. 2010ع جي ٻوڏ دوران ڪراچيءَ ۾ بي گهر ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ رليف ڪيمپ ۾ وڃي سندن مالڪي ڪئي ۽ مالي سهائتا پڻ ڪئي.
غزالا بتول 22 مئي 2012ع تي اياز لطيف پليجي جي سربراهيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ ‘محبت سنڌ’ ريليءَ ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران ريليءَ تي دهشتگردن طرفان انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ ٽن ماڻهن سان گڏ شهيد ٿي هئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.