غزالا رفيق
غزالا رفيق: ريڊيو، ٽي.وي، فلم ۽ اسٽيج جي نامياري فنڪاره 1939ع ۾ غلام نعمان انصاريءَ جي گهر قنبر علي خان ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو بلقيس هو. سندس تعلق سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان هو. سندس والد ۽ ناميارو اديب، ڏاهو ۽ محقق عثمان علي انصاري پاڻ ۾ پڦاٽ ماروٽ هئا. ادبي ماحول جو اثر غزالاه تي به ٿيو، اهو ئي سبب آهي، جو هن افسانا به لکيا، جيڪي ان وقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. ان کان سواءِ هن کي ڳائڻ جو به شوق هو. هن راڳ جي سکيا استاد امراؤ بندو خان ۽ ماسٽر محمد ابراهيم کان حاصل ڪئي. کيس 1957ع ڌاري زيڊ.اي بخاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو، جتي هن بلقيس انصاريءَ جي نالي سان ڳائڻ شروع ڪيو. سندس ريڊيو تي ڪمپئرنگ جو پهريون پروگرام‘لپٽن ڪي محفل’ هو. ان کانپوءِ سنڌي ۽ اردو پروگرامن جي ڪمپئرنگ ڪيائين. صبح دم، دروازه، خاور کـُلا، صبح نو، اتوار ڪي اتوار سندس تمام مشهور پروگرام هئا. ريڊيو تي سندس پهريون ڊرامو ‘آگ’ هو، جيڪو سيد احمد رفعت تحرير ڪيو ۽ ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر شمس الدين بٽ اهو پروڊيوس ڪيو هو. ان کانپوءِ هن ريڊيو تي بيشمار اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. فلم ‘رت جا رشتا’ ۾ هن مشهور اداڪار ۽ صداڪار قربان جيلاني جي ماءُ جو ڪردار نڀايو. ٽي. وي تي کيس عبدالڪريم بلوچ سنڌي پروگرام پارس ۾ متعارف ڪرايو. ٽي. وي تي سندس پهريون ڊرامو ‘مرزا غالب’ هو، جنهن ۾ هن هڪ ڳائڻيءَ جو ڪردار نڀايو هو، جنهن تي کيس پي. ٽي. وي اوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ آخري موم بتي، پت جهڙ ڪي بعد، پيرانا ۽ چوٿا اسٽيشن اردوءَ جا سندس يادگار ڊراما هئا، جڏهن ته سنڌي ڊراما، عمر مارئي، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر ۽ دوزخ شامل آهن. هن 1964ع ۾ چوڌري رفيق سان شادي ڪئي. کيس هڪ پـُٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون.
کيس 38 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پيو ۽ 24 جنوري 1977ع تي وفات ڪيائين. کيس ڪراچيءَ جي پاپوش نگر قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس پوين ۾ ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ آهن.