غزاله شاهين ڀٽو

غزاله شاهين ڀٽو: سنڌ جي ناليواري ليکڪا ۽ ڊراما نويس غزاله شاهين جو اصل نالو صغريٰ ڀٽو هو. هن 1946ع ڌاري ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. حيدرآباد جي مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1969ع ۾ ايم. اي (نفسيات) سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد مان ڪيائين. سندس هم ڪلاسين ۾ ليکڪائون خيرالنساءِ جعفري، ليليٰ بانا ۽ جميله تبسم شامل آهن. کيس ننڍپڻ کان علمي ادبي شوق رهيو. ذهين هجڻ سبب پڙهائيءَ دوران ننڍيون ننڍيون مزاحيه ڪهاڻيون ۽ خاڪا لکيائين، جيڪي بعد ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران جاري ٿيندڙ پروگرام ‘گلدستو’ ۾ نشر ٿيا. جن کي سڄيءَ سنڌ ۾ گهڻو پسند ڪيو ويو. هو ڏهن سالن تائين مسلسل مزاحيه خاڪا لکندي رهي. ان کان سواءِ ٽي. وي چينل لاءِ خاڪا ۽ اسڪرپٽ به لکيائين، جيڪي چڱا مقبول ويا. پاڻ ذاتي زندگيءَ ۾ ڏاڍي مزاحيه هوندي هئي. کيس مزاح ۾ لکڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو. سنڌ جي ادبي لڏي ۾ کيس مزاحيه ليکڪا طور سڃاتو ويندو هو. ريڊيو ۽ ٽي. وي تي نشر ٿيل سندس خاڪن جو هڪ مجموعو ‘چنڊ ۽ رلي’ سنڌ پبلشنگ هائوس، حيدرآباد پاران 1975ع ۾ شايع ٿيو. غزاله شاهين حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو