غزة الڪمال قلمي نسخو

غزة الڪمال (قلمي نسخو): هي فارسي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ تي مشتمل قلمي نسخو اصل ۾ امير خسرودهلويءَ جي پنجن ديوانن مان ٽيون ديوان آهي، جنهن جو نالو ‘غزة الڪمال’ آهي. امير خسرو خواجہ نظام الدين اولياءَ (وليءِ هند) جو مريد هو. امير خسرو، پنھنجي دور جو نامور موسيقار پڻ هو. هن هندي ڪلاسيڪي موسيقيءَ کي ايراني موسيقيءَ سان ملائي نيون راڳڻيون ٺاهيون. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي: “هميشہ خاڪ درت نورچشم خسرو باد ڪه درد چشم من ازوي بصحت انجاميد” اختتام هن طرح ٿئي ٿو: “مرا از نالہ و آه و دم سرد، زلب تاسينه پراني بہ بيند” 172 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو نستعيلق واري خط ۾ ڪتابت ٿيل آهي، پر ڪاتب ۽ ڪتابت جو سن نامعلوم آهي. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو