غزل: غزل، سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. غزل لفظ اصل ۾ عربي ٻوليءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي “عورت سان محبت جون ڳالهيون ڪرڻ.” هڪ ٻيو لفظ ‘غزال’ آهي، جنهن کي يورپ ۾ ‘غزيل’ اُچاريو ويندو آهي. ڪن جو خيال آهي ته ‘غزل’ ان لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ‘هرڻي’ آهي. پر تنهن هوندي به هرڻي ‘غزاله’ جي اڇانگ ۽ گوءِ شاعرن جي خيال جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي، جيئن ته غزل جي لغوي معنيٰ آهي “عورت سان محبت جي گفتگو ڪرڻ.”
غزل جو خالق ايراني شاعر رودڪي (جنم 880ع، وفات 941ع) هو، جنهن تشبيب جي عشق محبت واري موضوع کي الڳ ڪري هڪ جدا صنف تيار ڪئي ۽ ان صنف جو نالو غزل رکيائين ۽ تشبيب کي غزل جي صورت ۾ پنهنجي مستقل حيثيت حاصل ٿي ويئي. جلد ئي غزل گوئيءَ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ فارسيءَ جا مشهور ۽ معروف شاعر دقيقي، سنائي، ‘عراقي’، مولانا رومي، سعدي، امير خسرو ۽ حافظ غزل جي صنف ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. سڀ کان پهريان حڪيم سنائي غزل کي اوج ڏنو. هن صاحب غزل کي جذبات سان لبريز ڪيو ۽ ان ۾ زبان جي نزاڪت، صفائي، رواني ۽ سلاست پڻ پيدا ڪئي. ان کانپوءِ شاعراڻي حيثيت جي لحاظ کان سلمان ۽ خواجه غزل کي ترقي ڏني. سلمان ۽ خواجه جي هوندي خواجه حافظ شيرازيءَ غزل خواني شروع ڪئي. حافظ کان اڳ غزل جي صنف عشقي مضمونن تائين محدود هئي ۽ انهن خيالن کانسواءِ ٻيو ڪوبه خيال غزل ۾ ادا نه ڪيو ويندو هو. خواجه صاحب هڪ طرف غزل کي اها وسعت ڏني جو ان ۾ اخلاق، فيلسوفي، تصوف، نصيحت، وعظ ۽ هر نوع جا مضمون آندا ته ٻئي پاسي غزل جي اصل محبت واري اهميت کي به نه ڇڏيائين. علم عروض جي قاعدن ۽ ضابطن سان تعلق رکندڙ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ غزل جو مقام معتبر ۽ مٿانهون آهي. جيتوڻيڪ عروضي شاعريءَ جي هر هڪ صنف پنهنجي جاءِ تي موزون ۽ متاثر ڪندڙ آهي، جڏهن ته غزل جي جوڙجڪ خواه بندش، ٻين صنفن جي مقابلي ۾ گهڻي محنت ۽ قابليت طلب آهي. ايتري قدر جو غزل کي پورن قاعدن ۽ ضابطن مطابق صحيح سلامت نباهي وڃڻ کي عروضي شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جي سنَد سمجهيو ويندو آهي. فني حيثيت کان غزل کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو، پهرئين ڀاڱي ۾ غزل جون پهريون ٻه مصرعون (سٽون) اچي وڃن ٿيون. قاعدي مطابق هنن پهرين ٻن سٽن جو هم وزن هجڻ سان گڏ هم قافيي هجڻ به لازمي آهي. هن ڀاڱي کي ‘مطلع’ يعني غزل جو شروعاتي بند چئجي ٿو. ٻئي ڀاڱي ۾ پهرين ۽ آخري بند جي وچ وارا بند اچي وڃن ٿا، هر هڪ بند ٻن سٽن تي مشتمل ٿئي ٿو، جنهن جي هر ٻي سٽ غزل جي مطلع (شروعاتي بند) سان هم قافيي رهي ٿي. هن ڀاڱي جي هر بند کي شعر ۽ سڀني شعرن ۾ سٺي يا وڌيڪ واضح ۽ متاثر ڪندڙ شعر کي ‘شاهه شڪر يا شاهه بيت’ چئبو آهي. ٽيئن ڀاڱي ۾ غزل جو آخري بند اچي ٿو، جنهن کي ‘مقطع’ (غزل جو آخري شعر) چئجي ٿو. هن شعر ۾ عموماً شاعر پنهنجو تخلص پڻ استعمال ڪندا آهن. مقطع جي سٽن جي ترتيب ۽ سٽاءُ ساڳي وچ وارن شعرن جهڙي ٿيندي آهي. فقط غزل جي آخري شعر هجڻ ڪري کيس الڳ نالي ‘مقطع’ سان سڏجي ٿو. غزل جي شعرن جو ڪل تعداد (مطلع ۽ مقطع سميت) 8 کان 12 شعرن تائين هوندو آهي، مگر عام طور شاعرن انهيءَ پابنديءَ جو خيال نه رکيو آهي.
سنڌي ادب ۾ گهڻو ڪري غزل 6 شعرن کان مٿي ۽ 15 شعرن جي اندر ملي ٿو. سنڌي غزل صدين جو سفر طئي ڪري هاڻي پڪو پُختو بڻجي چڪو آهي. فارسي، اردو ۽ سنڌي شاعري ۾ غزل ايترو ته لکيو ويو آهي، جو هاڻي غزل لاءِ ڄڻ ته ڪو موضوع ئي نه بچيو آهي. انگريزن جي دور ۾ به غزل تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي غزل گوشاعر پيدا ٿيا. آڳاٽي دور ۾ خليفو گل محمد گل هالائي، سنڌي غزل جو پهريون صاحب ديوان شاعر آهي. هن جو پهريون ديوان ’ديوان گل‘ جي نالي سان 1854ع ۾ پڌرو ٿيو. خليفي گل محمد کانپوءِ هن دؤر جو ٻيو ناميارو شاعر آخوند قاسم هالائي آهي. خليفي گل محمد ۽ آخوند قاسم کان علاوه هن دور جي ٻين شاعرن ۾ مصري شاهه، مير حسن علي خان، غلام محمد شاهه ‘گدا’، فضل محمد ‘حائم’ ۽ مير عبدالحسين ‘سانگي’ شامل آهن. سانگيءَ جا ٽي ديوان ڪافي مشهور آهن، جن ۾ ‘ڪليات سانگي’، ‘ديوان سانگي’ آهن. سنڌي غزل ۾ ٻين شاعرن به طبع آزمائي ڪئي، پر سنڌي غزل ۾ جدت پسند شاعرن جا قائد نارائڻ شيام، شيخ اياز، نياز همايوني ۽ استاد بخاري آهن. شيخ اياز نه صرف ٻولي ۽ ڍانچي جي لحاظ کان بغاوت ڪئي، پر هن موضوع جي لحاظ کان به جدت پيدا ڪئي آهي:
ڇو گهٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اوچي اوچي اوٽ ڏسي
زندان اڏائي وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر ائين نه مرنداسين ساٿي
ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.
اياز وٽ غزل جي روايتي موضوع يعني حسن ۽ عشق به بي پناهه ترقي ڪئي آهي، پنهنجي انتظار جي ڪيفيت هن طرح بيان ڪري ٿو:
رات آئي وئي تون نه آئين ڪهي،
ماڪ ۾ مينڌرا ڪاڪ روئندي رهي.
شيخ اياز کان سواءِ جديد دور جي شاعرن ۾ استاد بخاري جو نالو احترام سان ورتو وڃي ٿو. سندس غزل شاعريءَ جي قديم روايتن سان بغاوت آهي. سندس غزلن ۾ حُسن به آهي پر اهو ڌرتيءَ جو حُسن آهي. سندس شاعريءَ ۾ عشق به آهي، پر اهو مارو ماڻهن سان آهي. جديد دؤر جي غزل گو شاعرن ۾ تنوير عباسي، تاج بلوچ، شمشير الحيدري، ذوالفقار راشدي، تاجل بيوس، عبدالڪريم گدائي، امداد حسيني، وفا ناٿن شاهي، مريم مجيدي،غلام حسين رنگريز، اياز گل، ايوب کوسو ۽ ٻيا ڪيترا شاعر شامل آهن.