غزلن جو غنچو

غزلن جو غنچو (ڪتاب): هي غزلن جو مجموعو سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ‘بورڊ آف اسٽڊيز اِن سنڌي’ جي فيصلي تحت بي. اي جي نصاب لاءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پروفيسر علي نواز حاجن خان جتوئي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ترتيب ڏنو. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾ لطيفي لٽرري سوسائٽي، حيدرآباد پاران ڇپيو. ٻيو ڇاپو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري پاران سيپٽمبر 1966ع ۾، ٽيون ڇاپو آڪٽوبر 1966ع ۾ ۽ چوٿون ڇاپو آگسٽ 1976ع ۾ ڇپيو. ٽئين ڇاپي جو پيش لفظ پروفيسر علي نواز جتوئي ۽ چوٿين ڇاپي جو مهاڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 83 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 4 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو