غزليات نويدي (قلمي نسخو)

غزليات نويدي (قلمي نسخو)

غزليات نويدي قلمي نسخو

غزليات نويدي (قلمي نسخو): هي فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل قلمي نسخو نويدي نالي فارسي شاعر جي غزلن تي مشتمل آهي. هن ۾ ڪل 29 غزل آهن. هي قلمي نسخو شڪسته داري خط ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هن جو نالو ‘شعر نويدي ترڪ ال رديف’ پڻ آهي. نسخي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
صد شکر که شد دولت وصل توميسر
گرديده زخورشيد رخت ديده منور”
اختتام هن طرح ٿئي ٿو:
“گفت هاتف ‘وي زهي درجنت آمد باقرار”
1244هه
8 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو