غزنوي: ترڪ نسل جا مغل آهن. غزنوي (افغانستان) شهر جي نسبت سان ذات جا غزنوي (پٺاڻ) سڏجن ٿا. هنن مان سلطان محمود غزنوي نهايت مشهور بادشاهه هو، جنهن هندستان تي ڪاهه ڪري سومناٿ مندر کي تباهه ڪيو هو. سندس باقيات برصغير ۾ آباد ٿي ويٺي. اڄوڪا غزنوي انهن مان آهن.