غزنوي حڪيم سنائي

غزنوي، حڪيم سنائي: صوفي شاعر حڪيم سنائي غزنويءَ جو اصل نالو مجدود، ڪنيت ‘ابوالمحد’ ۽ تخلص ‘سنائي’ اٿس. پاڻ افغانستان جي غزني شهر جو رهاڪو هو. شروع ۾ غزنوي خاندان جي بادشاهه بهرام شاهه جي دربار ۾ قصيده نگار هو. هڪ دفعي بهرام شاهه هندستان تي ڪاهه ڪرڻ جي تياريءَ ۾ هو، ته ‘سنائي’ سندس شان ۾ قصيدو لکي، سندس درٻار ڏانهن وڃي رهيو هو ته هڪ مجذوب کيس طنز ڪندي حقيقت جي راهه ڏيکاري. حڪيم سنائي مجذوب جون ڳالهيون ٻڌي قصيدو درٻار ۾ کڻي وڃڻ بدران ڦاڙي ڇڏيو ۽ توبهه تائب ٿي دنيا ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪڏهن به پيرن ۾ جُتي نه پاتائين. هميشه پير ۽ مٿو اگهاڙو ڪري گهٽين ۾ گهمندو رهندو. زندگيءَ جا پويان چاليهه سال عبادت ۽ فاقه ڪشيءَ ۾ گذاريائين. پيرين پنڌ حج تي به ويو. انهيءَ زماني ۾ شيخ ابو يوسف همداني مشهور مشائخن مان هو، جنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئائين. درٻار ڇڏڻ کانپوءِ سندن شاعريءَ تي تصوف جو رنگ چڙهيو. سندن شعر تصوف جي اسرار ۽ رمزن سان پُر آهن. پاڻ هڪ ديوان ‘ديوان سنائي’ ۽ ست مثنويون لکيائين، جيڪي ‘عقل نامه’، ‘عشاق نامه’، ‘ڪارنامه’، ‘طريقت الحقيقت’، ‘غريب نامه’، ‘سير العباد’ ۽ ‘حديقة الحقيقت’ جي نالي سان آهن. سنائيءَ کي دنيا جي شاعرن ۽ عالمن وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. علامه اقبال به کانئس گهڻو متاثر هو. علامه اقبال جڏهن افغانستان جي والي نادرشاهه شهيد جي دعوت تي افغانستان ويو ته خاص ڪري غزنيءَ وڃي حڪيم سنائيءَ جي مزار تي حاضري ڀري هئائين. سنائيءَ جي وفات جو سال اڪثر تاريخ نويسن 252 هه/ 1131ع ڄاڻايو آهي. جڏهن ته تاريخ نويس دولت شاهه سمرقندي 576هه/ 1180ع ۽ ‘رياض العارفين’ جي مصنف 546هه/ 1151ع ڄاڻايو آهي. مولانا جامي پنهنجي تصنيف ‘نفحات الانس’ ۾ لکيو آهي ته حڪيم سنائي جي وفات وقت سندن زبان تي هي شعر جاري هو:
باز کشتم زانجچه گفتم زانکه نيست،
در سخن معنيٰ و در معنيٰ سخن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو