غزنوي حڪيم سنائي

غزنوي، حڪيم سنائي: صوفي شاعر حڪيم سنائي غزنويءَ جو اصل نالو مجدود، ڪنيت ‘ابوالمحد’ ۽ تخلص ‘سنائي’ اٿس. پاڻ افغانستان جي غزني شھر جو رهاڪو هو. شروع ۾ غزنوي خاندان جي بادشاھہ بھرام شاھہ جي دربار ۾ قصيده نگار هو. هڪ دفعي بھرام شاھہ هندستان تي ڪاھہ ڪرڻ جي تياريءَ ۾ هو، تہ ‘سنائي’ سندس شان ۾ قصيدو لکي، سندس درٻار ڏانهن وڃي رهيو هو تہ هڪ مجذوب کيس طنز ڪندي حقيقت جي راھہ ڏيکاري. حڪيم سنائي مجذوب جون ڳالهيون ٻڌي قصيدو درٻار ۾ کڻي وڃڻ بدران ڦاڙي ڇڏيو ۽ توبھہ تائب ٿي دنيا ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪڏهن بہ پيرن ۾ جُتي نہ پاتائين. هميشہ پير ۽ مٿو اگهاڙو ڪري گهٽين ۾ گهمندو رهندو. زندگيءَ جا پويان چاليھہ سال عبادت ۽ فاقہ ڪشيءَ ۾ گذاريائين. پيرين پنڌ حج تي بہ ويو. انهيءَ زماني ۾ شيخ ابو يوسف همداني مشھور مشائخن مان هو، جنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئائين. درٻار ڇڏڻ کانپوءِ سندن شاعريءَ تي تصوف جو رنگ چڙهيو. سندن شعر تصوف جي اسرار ۽ رمزن سان پُر آهن. پاڻ هڪ ديوان ‘ديوان سنائي’ ۽ ست مثنويون لکيائين، جيڪي ‘عقل نامہ’، ‘عشاق نامہ’، ‘ڪارنامه’، ‘طريقت الحقيقت’، ‘غريب نامہ’، ‘سير العباد’ ۽ ‘حديقة الحقيقت’ جي نالي سان آهن. سنائيءَ کي دنيا جي شاعرن ۽ عالمن وٽ عزت جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو آهي. علامہ اقبال بہ کانئس گهڻو متاثر هو. علامہ اقبال جڏهن افغانستان جي والي نادرشاھہ شھيد جي دعوت تي افغانستان ويو تہ خاص ڪري غزنيءَ وڃي حڪيم سنائيءَ جي مزار تي حاضري ڀري هئائين. سنائيءَ جي وفات جو سال اڪثر تاريخ نويسن 252 ھہ/ 1131ع ڄاڻايو آهي. جڏهن تہ تاريخ نويس دولت شاھہ سمرقندي 576ھہ/ 1180ع ۽ ‘رياض العارفين’ جي مصنف 546ھہ/ 1151ع ڄاڻايو آهي. مولانا جامي پنھنجي تصنيف ‘نفحات الانس’ ۾ لکيو آهي تہ حڪيم سنائي جي وفات وقت سندن زبان تي هي شعر جاري هو:
باز کشتم زانجچه گفتم زانکه نيست،
در سخن معنيٰ و در معنيٰ سخن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو