غزنوي دور غزنوي گهراڻو

غزنوي دور/ غزنوي گهراڻو: اسلامي تاريخ ۾ غزنوي دور کي خاص اهميت حاصل آهي. خاص ڪري اولهه ۽ وچ ايشيا توڙي هند سنڌ جي اتهاس ۾ هيءَ دور نمايان جاءِ والاري ٿو. جيتوڻيڪ هن دور جي آغاز واري سن تي ٿورو اختلاف آهي، پر پوءِ به ايران ۽ افغانستان جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ، معتبر مؤرخن موجب غزنوي سلطنت 351 هه/ 962ع ۾ شروع ٿي ۽ ان جو انجام 582هه/ 1186ع ۾ ٿيو. محمود غزنوي ٻٽيهه سال (998ع- 1030ع)، غزنيءَ مان ويهي حڪمراني ڪئي. اهو زمانو هن سلطنت جي اوج جو زمانو آهي. هن خراسان، بلخ، مڪران، لاهور، ملتان، منصوره ۽ سومناٿ تي ڪيئي ڀيرا وڏا وڏا حملا ڪيا ۽ فتوحات ڪيون. سندس پٽ مسعود به سلطان جي حيثيت ۾ ڪارناما سرانجام ڏنا. هن ڏهه سال حڪمراني ڪئي.
سلطان محمود جي ڪاميابين کان خوش ٿي، بغداد جي عباسي خليفي قادربالله، هن کي سَند ۽ خلعت ڏني. سلطان جي مختلف حملن ۽ ڪاميابيءَ تي، خليفي پاران جدا جدا لقب القاب پڻ ڏنا. تاريخن ۾ هن خاندان جي سترهن حاڪمن جا نالا ملن ٿا.
موروثي حڪمرانيءَ ۾ جيڪي خرابيون ٿين ٿيون، اهو قانون غزنوي سلطنت سان به لاڳو رهيو. اقتدار لاءِ ڀاءُ کي ڀاءُ قتل ڪرايو. پيءُ ۽ پٽن ۾ به نفاق ۽ جهيڙو ڏٺو ويو. ڪجهه اميدوارن کي قتل ڪرايو ويو ته، سلطنت جي ڪجهه اميدوارن کي انڌو ڪري جيلن ۾ به وڌو ويو. غزنوي سلطنت جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي.
سلطان محمود جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته، هن شيعه حاڪمن کي مذهبي تعصب جي بنياد تي مارايو ۽ انهن جي علائقن کي تباهه ڪرايو. حقيقت ۾ فاتح جتي به ڪمزور ڏسندو، اتي حملو ڪندي دير نه ڪندو. لاهور، مٿرا ۽ سومناٿ جا حاڪم هندو هئا. اهي به محمود جي غضب کان بچي نه سگهيا. پرسي سائڪس درست لکيو آهي ته، “محمود جي حملن ۽ فتحن جو هڪ ئي مقصد هو. اهو هو دولت گڏ ڪري، افغانن کي سکيو ستابو رکڻ.” هِت اسان غزنوي حاڪمن جي باري ۾ هڪ چارٽ ۽ لسٽ ڏئي رهيا آهيون ته جيئن پڙهندڙن کي حقيقت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
آل سبڪتگين سلاطين جا نالا:
• امير ناصرالدين سبڪتگين (366هه/ 976ع)
• امير اسماعيل بن سبڪتگين (387هه/ 998ع)
• ڀمين الدوله محمود بن سبڪتگين (388هه/ 998ع)
• عماد الدوله محمد بن محمود (421هه/ 1030ع)
• نصيرالدوله مسعود بن محمود ( 431هه/ 1030ع)
• شهاب الدوله مودود بن مسعود (432هه/ 1040ع)
• مسعود بن مودود (440هه/ 1048ع)
• بهاءُ الدوله علي بن مسعود (1048ع کان 1049ع)
• عزالدوله عبدالرشيد بن مسعود (440هه/ 1048ع)
• جمال الدوله فرخ زاد بن مسعود (444هه/ 1052ع)
• رضي الدوله ابراهيم بن مسعود (451هه/ 1059ع)
• علاوالدوله مسعود ثاني بن ابراهيم (451هه/ 1059ع)
• عضدالدوله شيرزاد بن مسعود (508هه/ 1114ع)
• سلطان الدوله ارسلان بن مسعود (509هه/ 1110ع)
• معزالدوله بهرام بن مسعود (512هه/ 1118ع)
• سراج الدوله خسرو بن بهرام (547هه/ 1152ع)
• تاج الدوله خسرو ملڪ بن خسرو (582هه/ 1186ع)
(ماخذ: ‘جنت السنڌ’، 1958ع جو ڇاپو)
غزنوي دور ۽ سنڌو ماٿري: غزنوي گهراڻي ۽ سلطان محمود جي باري ۾، اڳ ۾ ئي تفصيل سان لکيو ويو آهي. هتي مختصر طرح سان غزنوي سلطنت ۽ سنڌو ماٿر جي تعلق تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان ۾ خاص حوالو سلطان محمود جو آهي.
محمود 998ع ۾ ‘غزنه’ جو سلطان ٿيو. هن ڪمزور رياستن ۽ حڪمرانن کان سواءِ، هند سنڌ تي حملن جو هڪ خاڪو تيار ڪيو. سن 1001ع کان سن 1008ع تائين، هندستان ۽ موجوده پاڪستان تي مشتمل علائقن تي حملا، ڪاهون ۽ فتوحات شروع ڪيون. بلڪ سچ هي آهي ته زندگيءَ جا باقي ٽيهه سال، محمود فتوحات ۽ حملن ۾ حصو وٺندي گذاري ڇڏيا. 1001ع ۾ پنجاب جي حڪمران جئپال سان، پشاور وٽ مقابلو ڪيائين. جئپال شڪست کان پوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.
1005ع ۾ محمود پنجاب مان ٿيندو ملتان پهتو. ملتان جو حاڪم بوالفتح دائود قرمطي (شيعه) فرقي جو پوئلڳ هو. دائود مقابلو نه ڪري سگهيو، ان ڪري ساليانو ويهه هزار سونا درهم ڏئي، فاتح سان صلح جو معاهدو ڪيائين. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ هن واقعي جو سال 1006ع لکيو آهي. ابتدا ۾ محمود جي رستا روڪ، لاهور جي حاڪم انندپال ڪئي، پر هن کي ناڪامي ٿي. ملتان جي حاڪم، محمود جو مقابلو ڪيو. ليڪن شڪست کائي ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. عرب ليکڪن موجب فاتح، ملتان جي ماڻهن کان ٻه ڪروڙ درهم، ڏنڊ طور وصول ڪيا. ملتان جي ڀڄي ويل امير کان، رقم الڳ طور تي ورتي وئي. ان هوندي به قرمطين آڻ نه مڃي... ڊاڪٽر پٺاڻ وڌيڪ لکي ٿو ته، “محمود جي لشڪر قرمطين جو قتل عام ڪرايو. لاهوري دروازي وٽ (قلعي جي)، رت جو درياهه وهي هليو. سلطان ايترا ته ماڻهو ماريا، جو سندس هٿ تلوار جي قبضي ۾ ڄمي ويو، ۽ گرم پاڻيءَ جي ٻوڙڻ کان پوءِ ڇڏايو ويو. ملتان جي مشهور مسجد جنهن کي بن شيبان'>جلم بن شيبان ٺهرايو هو، محمود ان کي به ڊاهڻ جو حڪم جاري ڪيو.” (تاريخ سنڌ، عرب دور، ص 472- 473)
1008ع ۾ محمود غزنوي پشاور طرف وڌيو. راجا انندپال ڳچ رياستن جي حاڪمن سان اتحاد ڪري، حملي آور جي خلاف وڏو لشڪر گڏ ڪيو. ٻنهي ڌرين ۾ زبردست معرڪو ٿيو. کوکرن جي لشڪر حملي آور سان زبردست معرڪا ڪيا، پر آخرڪار کين شڪست آئي. هندن جي فوج جو گهڻو نقصان ٿيو. سلطان محمود پوءِ ڪانگڙه تي حملو ڪيو. ان جي حفاظت لاءِ ڪو به انتظام نه هو. ان ڪري فاتح نه رڳو ڪانگڙه تي قبضو ڪيو، پر هتان هن کي ججهو مال غنيمت به ملي ويو.
1018ع ۾ محمود پنجاب کان اڳتي وڌي، هندستان طرف حملو ڪيو. پنجاب تي سندس هي ٻارهون حملو ليکيو وڃي ٿو. سلطان مٿرا تي قبضو ڪيو. پوءِ قنوج تي حملي آور ٿيو. مٿرا ۾ سلطان هندن جي خوبصورت مذهبي جاين کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪيو. قنوج جي راجا پيش ٿي علائقي کي برباديءَ کان بچايو. محمود کي هن حملي ۾ مال دولت جا انبار حاصل ٿيا. هزارين شهرين کي غلام ڪري، عزني پهچايو ويو. انهن کي پوءِ مرڪزي ايشيا جي بازارن ۾ وڪرو ڪري، ججهي دولت هٿ ڪئي وئي.
سلطان محمود ٻه سال (1024ع- 1026ع)، هند ۽ سنڌ ۾، حملن، ڪاهن، فتوحات ۽ مال ميڙڻ ۾ صرف ڪيا. محمود ملتان ۽ سانڀر کان ٿي ڪاٺياواڙ جي ‘سومناٿ’ مندر تائين پهچي ويو. هڪ رات آرام سان گذاري ٻئي ڏينهن ‘مندر’ تي حملو ڪيائين. اتي جي پوڄارين کي اميد هئي ته، سلطان کي ڳري رقم جي آڇ ڪري، هو پنهنجي مقدس مندر کي بچائي وٺندا. پر ائين نه ٿيو. حملي آور مندر کي برباد ڪيو. اتي جي مکيه بت کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ان جي ڌڙ مان قيمتي موتي، هيرا ۽ لعل هٿ ڪري، تمام گهڻي دولت هٿ ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. مندر جا ٻه وڏا پٿر ‘غزني’ موڪليائين. حڪم ڏنائين ته جامع مسجد جي چاڙهيءَ جي تعمير ۾، اهي پٿر استعمال ڪيا وڃن.
تاريخدانن موجب هن سوڀ کان پوءِ، محمود ريگستان جي رستي کان سنڌ ۾ داخل ٿيو. پر پاڻيءَ جي کوٽ سبب، سندس لشڪر کي گهڻي تڪليف پهتي. جنهن ٽولي سلطان کي هي گس ڏيکاريو، اهي سڀ ماڻهو سندس حڪم تي قتل ڪيا ويا. سنڌ جي نامور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب سنڌ ملڪ ۾ هباري حڪومت جو خاتمو 1010ع (401 هه) ۾ ٿيو. انهن جي گاديءَ جو هنڌ ‘منصوره’ (موجوده ضلعو سانگهڙ) هو. ٿر جي ڀِٽن مان پار ٿي، محمود ‘منصوره’ تي يلغار ڪئي. ان وقت اتي خفيف (سومرو) حڪمران هو. محمود جي منصوره تي حملي جو سال 1026ع (416 هه) ثابت ڪيو ويو آهي. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص 424)
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ هن ڏس ۾ ڪجهه وضاحت سان لکيو آهي: محمود غزنويءَ جي باري ۾، سنڌ جي حوالي سان لکيل، مير معصوم جون ڳالهيون (تاريخ معصومي)، بلڪل بي بنياد آهن. اهو ته محمود جي وزير عبدالرزاق جي قيادت ۾، منصوره جي خلاف فوج ڪشي ٿي. عبدالرزاق سنڌ ۾ اچي بکر، سيستان ۽ ٺٽو فتح ڪري، ملڪ کي غزنوي سلطنت سان ملائي ڇڏيو.... سلطان محمود کي عبدالرزاق نالي ڪو به وزير نه هو. هن جي وزير جو نالو خواجه احمد حسن ميمندي هو. هن وزير کي هڪ پٽ عبدالرزاق هو، جنهن کي سلطان محمود جي پوٽي مودود جي زماني ۾ سيستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. هي واقعو گهڻو پوءِ جو آهي. مير معصوم ان دور جي سنڌ جي شهرن بابت به درست ڄاڻ نه ڏني آهي. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ص 310، 331). ان هوندي به محمود پاران ‘منصوره’ تي حملي جا تاريخي ثبوت موجود آهن. ابن اثير موجب منصوره جو حاڪم مرتد ٿي ويو هو، ان ڪري ان کي سزا ڏيڻ ضروري هئي. فرخي سيستانيءَ جي هڪ شعر موجب، منصوره جو حاڪم مرتد هو، پر هو ڊڄڻو به هو. محمود جي فوجي ڪاهه جو ٻڌي هو شهر ڇڏي ڀڄي ويو هو.... ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته، محمود جو منصوره تي حملو، مذهبي خيال کان وڌيڪ مال هٿ ڪرڻ لاءِ هو، ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي پيڙيو وڃي، ۽ ٿيو به ائين. (ممتاز پٺاڻ جو ڪتاب، ص 411، 412)
سلطان محمود کي ‘منصوره’ واري حملي جي موقعي تي، سنڌي جتن ۽ ميدن گهڻو نقصان پهچايو. ان ڪري محمود في الحال ته غزني موٽي ويو. پر هن ملتان ۽ سنڌ جي حاڪمن، مقامي قبيلن خاص ڪري جتن ۽ ميدن کي ناس ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ان ڪري هن 418 هه (1027ع- 1028ع) ۾ وري ملتان تي حملو ڪيو. سنڌي قبيلن ۽ محمود جي وچ ۾، زبردست معرڪا ٿيا. ليڪن آخرڪار ڏاڍ ۽ ڏمرجي ٻَل تي، محمود سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي وڏو نقصان ڏئي، گهڻي ڦرلٽ ڪري واپس ‘غزني’ هليو ويو. اعجاز الحق قدوسي پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙا تفصيل ڏنا آهن. (تاريخ سنڌ، جلد اول، اردو، ص 325- 324). مولائي شيدائي مرحوم، سنڌ کي غزنويت جي ماتحت ڏيکاري، انهن جي گورنرن جي باري ۾ به لکيو آهي. (جنت السنڌ، ص 233- 237) غزنوين ڪڏهن به سنڌ تي حڪومت نه ڪئي. نه وري انهن جا ڪي گورنر مقرر ٿي، غالب انداز سان حڪمراني ڪري سگهيا. ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي تحقيق ۾، اهڙن سڀني مفروضن کي رد ڪيو آهي. سنڌ نه ته غزنوي سلطنت جو حصو هئي، ۽ نه ئي سنڌ تي غزنيءَ مان ڪو گورنر مقرر ٿي آيو. غزنوين حڪومت ڪندي، پنجاب جا ڪجهه حصا والاريا هوندا. ملتان ۾ به مقامي اسماعيلي حڪمراني قائم رهي. ان کي پوءِ 1175ع ۾ شهاب الدين غوريءَ اچي والاريو. سنڌو ماٿر ۾ جنگين وقت بهادري ۽ دليريءَ جو مسئلو نه هو. البت غزنوي سلطانن جا هٿيار، ملتان ۽ منصوره جي حاڪمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوفناڪ هئا. ان پس منظر ۾ سنڌي عوام تي محمود جو لشڪر حاوي ٿي ويندو هو. (تصوير سنڌ، ص 51)


هن صفحي کي شيئر ڪريو