سلطان محمود غزنوي

سلطان محمود غزنوي

غزنوي سلطان محمود

غزنوي، سلطان محمود: غزنوي سلطانن ۾ محمود کي تاريخن ۾ گهڻي جاءِ ملي آهي. هڪ تہ هن سترهن سلطانن مان سڀ کان وڌيڪ، يعني تہ ٻٽيھہ سال حڪمراني ڪئي. ٻيو تہ هن بهتر سپھہ سالار جي روپ ۾، آس پاس جي ڪيئي علائقن تي حملا ڪيا ۽ سوڀون حاصل ڪيون. هن جي والد جو نالو سبڪتگين هو. هن 997ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن سندس خواهش موجب، هن جو پٽ اسماعيل غزني سلطنت جو تاجدار بنيو. ان وقت محمود غزنيءَ کان ٻاهر هو. پر اطلاع ملڻ شرط ‘غزني’ پهتو. شھر جي ٻاهران ٻنهي ڀائرن يعني اسماعيل ۽ محمود ۾ اقتدار لاءِ جنگ ٿي. جنهن ۾ محمود جي سوڀ ٿي. اسماعيل کي گرفتار ڪري سڄي عمر لاءِ قيد ۾ رکيو ويو. سال 998ع ۾ سلطان محمود باقاعده، غزني تاج ۽ تخت جو مالڪ بنجي ويو. ڪتابن موجب ان وقت هن جي عمر ستاويھہ سال هئي. محمود سلطان بنجڻ سان اوڙي پاڙي تي حملا شروع ڪيا. سن 999ع ۾ پاسي جي پرڳڻي سيستان تي قبضو ڪيائين. ساڳئي وقت هن ساماني حاڪمن کي بہ للڪاريو. بغداد جي عباسي خليفي قادربالله، خوش ٿي محمود کي خلعت رواني ڪئي، ۽ ساڳئي وقت ‘يمين الدوله’ جو لقب بہ عطا ڪيو. ان ڪري ڪي تاريخون غزني بادشاهت کي ‘يميني سلطنت’ طور بہ ياد رکن ٿيون.
1000ع ڌاري ساماني خاندان ختم ٿيو. ان ڪري هي سلطنت ٻہ ٽڪر ٿي. هڪ حصو ايلڪ خان ۽ ٻيو حصو محمود کي مليو. ان ريت محمود جي سلطنت ۾ وسعت آئي. سلطان جي نظر ۾ هندستان جو ملڪ ۽ ان جي دولت هئي. ان پس منظر ۾ هن رٿابندي ڪندي، هندستان تي حملن جو هڪ خاڪو مرتب ڪيو.
محمود سال 1001ع ۾ هندستان تي حملا شروع ڪيا. اهي 1008ع تائين جاري رهيا. سال ۾ اهڙو هڪ حملو ضرور ٿيندو هو. تاريخدانن جي سوچ موجب ته، هو ڪافرن جي پيڇي ۾ هوندو هو. حقيقت هيءَ آهي تہ سلطان محمود هندستان جي دولت پٺيان ايندو هو ۽ زندگيءَ جا بقايا ٽيھہ سال حملن ۽ فتوحات لاءِ وقف ڪري ڇڏيا.
1001ع ۾ هند طرف پهريون حملو ڪيو ويو. پشاور وٽ پنجاب جي حاڪم جئپال، محمود جي هٿان شڪست کاڌي. جئپال گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ خودڪشي ڪري ڇڏي.
1002ع ۾ محمود سيستان تي حملو ڪيو. باغي اڳواڻ خالد (ابو الليث جو پوٽو) پڪڙجي پيو. سلطان هن کي معاف ڪندي، کيس ڪو عهدو ڏئي پنھنجي تابع ڪيو.
1005ع ۾ پنجاب مان ٿيندو محمود ملتان پهتو. ابو الفتح دائود، اتي جو حڪمران هو. دائود قرمطي فرقي سان تعلق رکندڙ حاڪم هو. محمود ۽ دائود جي وچ ۾ صلح ٿيو. ملتان جي حاڪم ساليانو ويھہ هزار سونا درهم ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جا محمود قبول ڪري ورتي.
1007ع ۾ سلطان وڏو لشڪر گڏ ڪيو، جنهن ۾ هندي، افغاني ۽ غزنيءَ جا جٿا موجود هئا. هن لشڪر محمود جي قيادت ۾، آمو درياھہ طرف حملو ڪيو. ڇو تہ خانبلخ’ تي حملو ڪيو هو. ايلڪ خان کي شڪست نصيب ٿي. هن درياھہ پار ڪري جان بچائي. ايلڪ خان کي ٻيهر حملي جي جرئت نہ ٿي.
1008ع ۾ غزني سلطان پشاور طرف وڌيو. جئپال جي پٽ انندپال جي قيادت ۾ هندن جو وڏو لشڪر گڏ ٿيو. انندپال حملي ۾ اڳرائي ڪئي. ان جو محمود خوب فائدو ورتو. کوکرن جي ٽيھہ هزار فوج، محمود تي زبردست حملو ڪيو. محمود ناڪام ٿيندي ٿيندي بچي ويو. انندپال جي هاٿي گوڙ گهمسان جي ڪري، ڀاڄ کاڌي، جنهن ۾ هندي لشڪر جو وڏو نقصان ٿيو. محمود اڳتي وڌي ڪانگڙھہ جي قلعي تي حملو ڪيو، جو بلڪل خالي هو، ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڪو بہ موجود نہ هو. سلطان کي هن مھم ۾ لُٽ جو وڏو مال هٿ آيو.
1009ع ۾ غزنوي فوج غور تي حملو ڪيو. هي ننڍو علائقو هرات ۽ غزنيءَ جي جبلن جي وچ ۾ آهي. هتي جي ماڻهن اڃا اسلام قبول نہ ڪيو هو. محمود ڪاميابيءَ سان ڪاھہ ڪري غور کي پنھنجي قبضي ۾ آندو. افغانن کي بيدرديءَ سان ڪُچليو ويو. شھزادو محمد بن سوري (غور جو حاڪم) قيد ٿيو، ۽ محمود پنھنجي پٽ ابو عليءَ کي اتي مقرر ڪيو.
1013ع ۾، محمود جي نظر ڪابل طرف وئي. البيرونيءَ موجب اتي هندو ساهي گهراڻو حڪومت ڪندو هو. هندو ساهي خاندان ڪابل تي ڪافي سال حڪمراني ڪئي. اتان جي آخري بادشاھہ تري لوچاپولا (Trilochapula) کي محمود تڙي ڪڍيو، ۽ انهن علائقن تي پنهنجو راڄ قائم ڪيائين.
1017ع ۾ خيوا جي تذڪرن موجب، مامون (دوم، شايد ساماني؟) کي پنهنجن سپاهين قتل ڪري ڇڏيو. مامون جي شادي محمود جي ڀيڻ سان ٿيل هئي. مامون خطبي ۾ محمود جو نالو شامل ڪيو هو. محمود کي هي اطلاع مليو تہ مامون جي علائقي تي حملو ڪيائين. علائقي کي فتح ڪري سپاهين کي سزائون ڏنائين. بعد ۾ ترڪ امير التنتش کي فتح ڪيل علائقو ڏيندي، غزني واپس موٽي آيو.
1018ع ۾ سلطان محمود هندستان جي علائقن تي ٻارهون حملو ڪيو. محمود مٿرا تي قبضو ڪيو. هندن جي مذهبي ماڳن کي ڍير ڪيو. حملي واري عمل ۾ عام ڦرلٽ ٿي. ڪي خوبصورت تعميرات به، برباديءَ کان بچي نہ سگهيون. ان کان پوءِ قنوج پهتو. هتي هڪ زبردست قلعو هو. ابتدا ۾ راجپوت راجا ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. بعد ۾ حملي آور جي آڏو پيش ٿيو. راجا ائين ڪري قنوج ۽ آس پاس کي برباديءَ کان بچايو. واپس ٿيندي هتان 5300 شھري يرغمال ڪري غزني وٺي ويو. انهن کي غلام ڪري مرڪزي ايشيا جي بازارن ۾ وڪرو ڪيو ويو.
هن يلغار مان محمود کي وڏي دولت هٿ آئي. ان رقم مان غزني شھر جي هار سينگار تي خرچ ٿيو. آب پاره، مدرسا ۽ ڪاروان سراءِ تعمير ٿيا. غزني شھر ۾ هڪ عاليشان جامع مسجد جي تعيمر لاءِ حڪم جاري ٿيا.
1024-1026ع ، هنن سالن ۾ سلطان محمود هند ۽ سنڌ ۾ موجود هو. سومناٿ، ڪاٺياواڙ جي ڪناري تي هڪ خوشحال شھر هو. هندن جو هڪ شاهوڪار مندر ‘سومناٿ’ ۾ موجود هو. محمود ابتدا ۾ ملتان ۽ پوءِ سامڀر پهتو. اتان کان پاڻ سومناٿ پهچي ويو. شِو جي مندر ۾ ويٺل پوڄارين، حملي آور جي آجيان ڪئي. انهن کي اميد هئي تہ ائين ڪرڻ سان، حملو ڪندڙ سلطان محمود، سومناٿ جي مندر ۽ رهاڪن کي ڪو بہ نقصان نہ پهچائيندو. ليڪن سندن اهڙي سوچ غلط ثابت ٿي. هڪ رات آرام ڪري ورندڙ ڏينهن تي، محمود شھر تي حملي جو حڪم ڏنو. ڪوٽن قلعن کي تھس نهس ڪندي، هزارين شهرين کي ڪنهن سبب کان سواءِ، قتل ڪري رت جا درياھہ وهايا ويا.
اتي جو مندر ڪاٺ جو ٺهيل هو. مندر ۾ موجود لنگم کي فاتح ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. مندر جو بت نهايت قيمتي هو. برهمڻن سلطان کي عرض ڪيو تہ ‘مندر’ کي رهڻ ڏيو ۽ اتي جي مکيہ ‘بت’ کي نہ ڊاهيو. ان جي عيوضي ۾ اسان وڏي رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ليڪن محمود تلوار جي زور تي ‘بت’ کي ڀڃي ناس ڪيو. بت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جي ڪري، ان مان قيمتي هيرا موتي هٿ آيا. ان ريت محمود کي برهمڻن پاران آڇ ڏنل رقم جي ڀيٽ ۾ بي شمار دولت ملي.
افغانستان جي تاريخ تي ڪم ڪندڙن، لکيو آهي تہ محمود، سومناٿ کان واپس ٿيندي، سنڌ جي ريگستان مان لنگهيو. پاڻيءَ جي قِلت جي ڪري فاتح ۽ سندس لشڪر کي وڏي تڪليف پهتي. محمود سنڌ- ساگر دوآبه ۾ داخل ٿيو ته، اتي جي جاٽن هن جو مقابلو ڪيو. محمود جاٽن کي ڳرو نقصان پهچائي، غزنيءَ لاءِ روانو ٿيو. پاڻ مشڪل سان بھار 1026ع ۾، غزنه پهچي سگهيو. ان ريت سلطان محمود جي هندستان تي حملن، ڪاهن ۽ فتوحات جو سلسلو پورو ٿيو. هنن ڪاميابين تي خوش ٿي، خليفي قادربالله، محمود کي وڌيڪ خطاب ڏنا، ۽ خوارزم، خراسان، سيستان ۽ هندستان جو حاڪم (سلطان) تسليم ڪيو.
ديلم جي آل بويه، سن 932ع کان 1055ع تائين حڪمراني ڪئي. ديلم جو علائقو جبلن جي وچ ۾ هو. علي بن بويه ان جو باني حڪمران هو. هن ڪرج (Karaj) تي پنهنجو گورنر مقرر ڪيو. ڪرج، همدان جي ڏکڻ اوڀر ۾، هڪ ضلعو هو. اتي جي گورنر ٻن ڀائرن جي مدد سان، فارس جي صوبي تي قبضو ڪيو. انهن ۾ احمد هڪ لائق انسان هو، جنهن 936ع ۾ ڪرمان کي فتح ڪيو. هو 945ع ۾ بغداد ۾ داخل ٿيو. خليفي احمد کي امير الامراء بنايو ۽ معزالدوله جو خطاب بہ ڏنو. ڪجهہ هفتا پوءِ امير الامراء، خليفي کي انڌو ڪرايو، ۽ پوءِ قتل ڪرائي ڇڏيو. هتان کان عباسي خلافت ڪمزور ٿي ختم ٿيڻ طرف وڌي. خليفو نالي ماتر حاڪم رهجي ويو. معزالدوله کان پوءِ، هن جو ڀاءُ عضدالدوله بغداد ۾ وزير ٿي ويو. هن ايران ۾ ڪر (Kur) نديءَ تي هڪ بند ٺهرايو، جو ڪتابن ۾ ‘بند امير’ طور ياد ڪيو ويو.
محمود غزنوي، آل بويه جي خاتمي لاءِ موقعي جي تلاش ۾ رهيو. جڏهن عضدالدوله فوت ٿيو ته، سلطان محمود ‘ري’ کان خراج جي اميد رکي. نالي ۾ تہ مجد الدوله حاڪم هو، پر هو اڃا ننڍو هو. ان ڪري حڪومت جون واڳون سندس ماءُ جي هٿ ۾ هيون. محمود ديلمي حاڪمن کي پيغام موڪليو ته، جي غزنيءَ کي خراج نہ مليو ته، ٻہ هزار هاٿي ۽ لشڪر موڪلي ‘ري’ کي ناس ڪرائي، آل بويه جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويندو. ري شھر ۾ هڪ عورت حڪمران هئي، ان موٽ ۾ محمود کي پيغام موڪليو ته، هڪ ڪمزور عورت کي شڪست ڏئي، محمود ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو. اگر محمود ‘ري’ کي فتح نہ ڪري سگهيو ته، تاريخ جي ڪتابن ۾ هن لاءِ ڇا لکيو ويندو؟ محمود هي جواب ٻڌي حملي جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو. سال 1029ع ۾ مجدالدوله فوت ٿيو. بعد ۾ غزني سلطنت جي طرف کان ري تي حملو ڪيو ويو.
محمود 1030ع ۾ وفات ڪئي. مسلمان فاتحن ۾ هن جو نالو مٿانهين درجي تي آهي. هر حملي لاءِ وڏي سوچ ويچار ۽ رٿابندي ڪندو هو. ان ڪري هر ڀيري ڪاميابي حاصل ڪندو هو. مسلمان مؤرخ لکن ٿا تہ هو سچو مسلمان هو، ۽ هن کي اسلام لاءِ وڏي محبت هئي. پر دراصل هن جي حملن ۽ فتوحات جو مکيہ مقصد مال غنيمت حاصل ڪرڻ هو. افغانن جو ملڪ غريب هو. اتي ڪامياب حڪومت لاءِ مضبوط فوج جي ضرورت هئي. ان مقصد لاءِ پيسو کپندو هو. محمود ٻٽيهن سالن جي حڪومت ۾ هميشہ متحرڪ رهيو. سومناٿ کان ري ۽ لاهور کان ملتان، سيستان کان مڪران ۽ بلخ تائين، حملن، ڪاهن ۽ فتوحات جو هڪ نہ کٽندڙ سلسلو جاري رهيو. محمود جي باري ۾ راءِ ڏني وڃي ٿي ته، هو هڪ ڪَٽر سني حڪمران هو، ان ڪري هن ملتان ۽ منصوره جي شيعه حڪومتن تي حملو ڪري انهن کي تنگ ڪيو ۽ ڦريو لٽيو. اصل ۾ محمود جي فتوحات جو وڏو محرڪ ڏوڪڙ پيسو هو، جيئن مٿي لکيو ويو آهي. اهڙي راءِ سر پرسي سائيڪس جي آهي. (اي هسٽري آف افغانستان، جلد 01، ص 192)
محمود جيئن جنگ ۽ حڪمرانيءَ جو اهل هو. ان ريت هن ادب، سائنس ۽ فن لاءِ بہ ايتري دلچسپي ورتي. غزنوي درٻار ۾ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو وڏو انگ موجود هو. ان ڏس ۾ ڪي خاص نالا هن ريت آهن: اسدي طوسي، فردوسي، ابوريحان البيروني ۽ بو علي سينا وغيرہ. ادبي مؤرخن عمر خيام کي بہ غزنوي دور جو عالم ۽ شاعر شمار ڪيو آهي. تختگاھہ ‘غزني’ ۾ هڪ يونيورسٽي تعمير ٿي، جنهن ۾ هر سهوليت ڏيڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو ته، جيئن طالب علم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس نہ ڪن. محمود جي دلچسپيءَ سان، غزنيءَ ۾ ٺهيل عمارتون، باغ ۽ محلات وغيره، ان دور جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ بلڪل منفرد هئا. محمود غزنوي خميس جي ڏينهن، 23 ربيع الاول 421ھہ برابر 31 مارچ 1030ع تي وفات ڪئي. هن جو مقبرو سفيد سنگ مرمر سان ٺهيل آهي، جنهن کي ‘روضہ’ سڏيو وڃي ٿو.
سندس وفات کان پوءِ، مسعود اول غزنيءَ جو سلطان بنيو. سلطان مسعود، محمود جو پٽ هو. مسعود ڏھہ سال حڪومت ڪئي. هن جي وفات 1040ع ۾ ٿي. جيتوڻيڪ هڪ صدي پوءِ به، غزنوي گهراڻو حڪومت ۾ رهيو، پر نہ پوءِ محمود پيدا ٿيو، ۽ نہ وري مسعود جهڙو برجستو حاڪم نروار ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو