
غزنوي پارڪ
غزنوي پارڪ: هي پارڪ سکر شھر جي مياڻي روڊ تي باغ ڪالوني ڪوارٽرس ۾ آهي، جيڪو سيٺ ڏيالداس جي ياد ۾ 1936ع ۾ ٺاهيو ويو هو. سيٺ ڏيالداس سکر ميونسپالٽيءَ جو صدر ۽ انجنيئر هو. هي پارڪ سندس پٽن گوبندرام، چندو مل، لالچند ڊي پنجواڻي، ٻالچند ۽ ٻين سندس ياد ۾ ٺهرايو هو. هن پارڪ جو سنگ بنياد ديوان بھادر ايسرسنگهہ رکيو هو، جيڪو ان وقت سکر ميونسپالٽيءَ جو صدر هو. پارڪ کي شاهي لنگهہ ڏنل آهن، جنهن جي پاسن کان هيٺان کان مٿي تائين پيل پاوا ٺهيل آهن. وچ ۾ گول ڪمانيءَ سان لنگهہ آهي، جنهن ۾ هن وقت لوهي دروازو ٺهيل آهي. پيل پاون جي چوٽيءَ تي هر پاسي وري ننڍا پيل پاوا ڏئي انهن جي چوٽيءَ تي شاندار تاج رکيل آهي. دروازو توڙي باغ هن وقت ڦٽي ويو آهي.