غزني شھر جو ھڪ ڏيک

غزني شھر جو ھڪ ڏيک

غزني غزنه

غزني (غزنه): هيءُ هڪ قديم شهر آهي، جيڪو اسلام کان اڳ به موجود هو. هن شهر کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويندو هو. هي شهر قنڌار ويندڙ روڊ ۽ غزني درياهه جي ڪنارن سان آباد آهي. مسلم دور ۾ ڪجهه موقعن تي، موجوده افغانستان جو تختگاهه به رهيو آهي. خاص ڪري محمود غزنويءَ جي دور ۾ (998ع- 1030ع)، هي شهر پنهنجي اوج کي پهتو. ڇو ته فاتح سلطان محمود خراسان، بلخ کان هند ۽ سنڌ تائين، ڳچ حملا ڪيا ۽ اتي جي دولت گڏ ڪري ‘غزني’ کڻي آيو. شهر ۾ وڏا وڏا مدرسا قائم ٿيا. عالم اديب گڏ ٿيا. هڪ خوبصورت جامع مسجد پڻ تعمير ٿي. ان کان سواءِ شهر جي حفاظت لاءِ ڪوٽ ۽ قلعا به تعمير ٿيا.
اوڻيهين صديءَ تائين شهر جي حفاظت لاءِ ڪوٽ، قلعا موجود هئا. شهر جي آس پاس باغ ۽ ڪاليج هئا. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ الڳ بندوبست هو. شهر ۽ علائقي جي ورثي ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، هتي هڪ ڪتب خانو ۽ عجائب گهر به قائم ڪيو ويو هو. نئين دور ۾ هن شهر جي حيثيت ۽ اهميت کي ڌڪ لڳو. ڪنهن دور ۾ غزنيءَ ۾ تاجڪ نسل وارا اڪثريت ۾ رهندا هئا. هتي جي پيدائش ۾ اناج، ميوات، مڃٺ، رڍن ۽ اٺن جي ڏاس کي خاص اهميت آهي.
سلطان محمود جي حڪومت ۾، خوبصورت عمارتن جي ڪري، هن شهر جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ واڌارو ٿيو. سلطان علم، فن ۽ شعر ادب ۾ دلچسپي رکندو هو. ان ڪري ڪيئي عالم، شاعر ۽ ڄاڻو انسان، هتي اچي گڏ ٿيا هئا. غزني شهر جا منارا به خاص اهميت رکن ٿا. مير معصوم بکري اهي منارا ڏٺا، تڏهن هن به سکر شهر ۾ هڪ مناري جي تعمير جو حڪم ڏنو. هي منارو اڄ به موجود آهي. غزنيءَ کان ڪابل ويندڙ روڊ تي، محمود جو سفيد سنگ مرمر سان ٺهيل مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي مقبرو اتي جي هڪ مناري کان هڪ ميل پري آهي، جنهن کي ‘روضه’ سڏيو وڃي ٿو.
اڻويهين صديءَ ۾ پهرين اينگلو افغان جنگ دوران غزني صوبو گهڻي ڀاڱي تباهه ٿي ويو هو. موجوده وقت ۾ افغانستان حڪومت هن شهر کي ٻيهر تعمير ڪيو آهي. طالبان سان هلندڙ ويڙهه کي منهن ڏيڻ لاءِ افغان نيشنل سيڪيورٽي فورسز طرفان شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چيڪ پوائنٽون ۽ فوجي اڏا قائم ڪيا ويا آهن. غزني، افغانستان جو تجارتي مرڪز پڻ آهي، تنهن ڪري هن شهر کي وڏي اهميت حاصل آهي. غزني شهر سرڪاري توڙي خانگي ادارن جو ڳڙهه آهي. 2015ع ۾ آدمشماريءَ موجب هتان جي آبادي 143،379 (گهٽ، وڌ) آهي. جڏهن ته غزنيءَ جي ڪل ايراضي 3،330 ايڪڙن تي مشتمل آهي.
غزني هڪ گهڻ قومي صوبو آهي، جتي 50 سيڪڙو تاجڪ، 25 سيڪڙو هزارا ۽ 25 سيڪڙو پشتون قومون ۽ اقليت ۾ سک ۽ هندو به رهن ٿا. 11 سيپٽمبر 2001ع تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر، آمريڪا تي ٿيل واقعي کانپوءِ آمريڪا جي افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۽ گهرو ويڙهه سبب ٻين صوبن سميت غزنيءَ جو امن به وري داءُ تي لڳل آهي، پر تنهن باوجود ڪي ترقياتي ڪم پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جهڙوڪ: غزني، قنڌار ۽ ڪابل کي ملائيندڙ روڊن ۽ رستن (هاءِ وي) جي تعمير، صحت گهر (اسپتالن) جي تعمير، 2013ع ۾ غزني ۾ تعمير ڪيل هوائي اڏو وغيره. غزنيءَ سان تعلق رکندڙ اهم تاريخي شخصيتن ۾ حجويري غزنوي، حسن غزنوي، محمود غزنوي، فرهاد دريا، ملا فيض ڪاتب شامل آهن. غزنوي دور جا اهم شاعر فرخي سيستاني، منو چهري دماغني، ابو الفضل بيحقي، مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر حڪيم ثنائي آهن. غزنيءَ جي مشهور ۽ تفريحي جاين ۾ غزني جو منارو، سلطان مسعود (III) جو محل، سبڪتگين جو مقبرو، سلطان محمود جو مقبرو، ثنائي جو مقبرو، اسلامي فن جو عجائب گهر، تپاسردار (ٻڌمت) جا قديم کنڊر قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو