
غزني شھر جو ھڪ ڏيک
غزني (غزنه): هيءُ هڪ قديم شھر آهي، جيڪو اسلام کان اڳ بہ موجود هو. هن شھر کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويندو هو. هي شھر قنڌار ويندڙ روڊ ۽ غزني درياھہ جي ڪنارن سان آباد آهي. مسلم دور ۾ ڪجهہ موقعن تي، موجودہ افغانستان جو تختگاھہ بہ رهيو آهي. خاص ڪري محمود غزنويءَ جي دور ۾ (998ع- 1030ع)، هي شھر پنھنجي اوج کي پهتو. ڇو تہ فاتح سلطان محمود خراسان، بلخ کان هند ۽ سنڌ تائين، ڳچ حملا ڪيا ۽ اتي جي دولت گڏ ڪري ‘غزني’ کڻي آيو. شھر ۾ وڏا وڏا مدرسا قائم ٿيا. عالم اديب گڏ ٿيا. هڪ خوبصورت جامع مسجد پڻ تعمير ٿي. ان کان سواءِ شھر جي حفاظت لاءِ ڪوٽ ۽ قلعا بہ تعمير ٿيا.
اوڻيهين صديءَ تائين شھر جي حفاظت لاءِ ڪوٽ، قلعا موجود هئا. شھر جي آس پاس باغ ۽ ڪاليج هئا. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ الڳ بندوبست هو. شھر ۽ علائقي جي ورثي ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، هتي هڪ ڪتب خانو ۽ عجائب گهر بہ قائم ڪيو ويو هو. نئين دور ۾ هن شھر جي حيثيت ۽ اهميت کي ڌڪ لڳو. ڪنهن دور ۾ غزنيءَ ۾ تاجڪ نسل وارا اڪثريت ۾ رهندا هئا. هتي جي پيدائش ۾ اناج، ميوات، مڃٺ، رڍن ۽ اٺن جي ڏاس کي خاص اهميت آهي.
سلطان محمود جي حڪومت ۾، خوبصورت عمارتن جي ڪري، هن شھر جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ واڌارو ٿيو. سلطان علم، فن ۽ شعر ادب ۾ دلچسپي رکندو هو. ان ڪري ڪيئي عالم، شاعر ۽ ڄاڻو انسان، هتي اچي گڏ ٿيا هئا. غزني شھر جا منارا بہ خاص اهميت رکن ٿا. مير معصوم بکري اهي منارا ڏٺا، تڏهن هن بہ سکر شھر ۾ هڪ مناري جي تعمير جو حڪم ڏنو. هي منارو اڄ بہ موجود آهي. غزنيءَ کان ڪابل ويندڙ روڊ تي، محمود جو سفيد سنگ مرمر سان ٺهيل مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي مقبرو اتي جي هڪ مناري کان هڪ ميل پري آهي، جنهن کي ‘روضہ’ سڏيو وڃي ٿو.
اڻويهين صديءَ ۾ پهرين اينگلو افغان جنگ دوران غزني صوبو گهڻي ڀاڱي تباھہ ٿي ويو هو. موجودہ وقت ۾ افغانستان حڪومت هن شھر کي ٻيهر تعمير ڪيو آهي. طالبان سان هلندڙ ويڙھہ کي منهن ڏيڻ لاءِ افغان نيشنل سيڪيورٽي فورسز طرفان شھر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چيڪ پوائنٽون ۽ فوجي اڏا قائم ڪيا ويا آهن. غزني، افغانستان جو تجارتي مرڪز پڻ آهي، تنهن ڪري هن شھر کي وڏي اهميت حاصل آهي. غزني شھر سرڪاري توڙي خانگي ادارن جو ڳڙھہ آهي. 2015ع ۾ آدمشماريءَ موجب هتان جي آبادي 143،379 (گهٽ، وڌ) آهي. جڏهن تہ غزنيءَ جي ڪل ايراضي 3،330 ايڪڙن تي مشتمل آهي.
غزني هڪ گهڻ قومي صوبو آهي، جتي 50 سيڪڙو تاجڪ، 25 سيڪڙو هزارا ۽ 25 سيڪڙو پشتون قومون ۽ اقليت ۾ سک ۽ هندو بہ رهن ٿا. 11 سيپٽمبر 2001ع تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر، آمريڪا تي ٿيل واقعي کانپوءِ آمريڪا جي افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۽ گهرو ويڙھہ سبب ٻين صوبن سميت غزنيءَ جو امن بہ وري داءُ تي لڳل آهي، پر تنهن باوجود ڪي ترقياتي ڪم پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جھڙوڪ: غزني، قنڌار ۽ ڪابل کي ملائيندڙ روڊن ۽ رستن (هاءِ وي) جي تعمير، صحت گهر (اسپتالن) جي تعمير، 2013ع ۾ غزني ۾ تعمير ڪيل هوائي اڏو وغيرہ. غزنيءَ سان تعلق رکندڙ اهم تاريخي شخصيتن ۾ حجويري غزنوي، حسن غزنوي، محمود غزنوي، فرهاد دريا، ملا فيض ڪاتب شامل آهن. غزنوي دور جا اهم شاعر فرخي سيستاني، منو چهري دماغني، ابو الفضل بيحقي، مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حڪيم ثنائي آهن. غزنيءَ جي مشھور ۽ تفريحي جاين ۾ غزني جو منارو، سلطان مسعود (III) جو محل، سبڪتگين جو مقبرو، سلطان محمود جو مقبرو، ثنائي جو مقبرو، اسلامي فن جو عجائب گهر، تپاسردار (ٻڌمت) جا قديم کنڊر قابل ذڪر آهن.