غزوات: حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جڏهن ربيع الاول 13 نبويءَ ۾ مديني شريف هجرت ڪري آيا ته مشرڪن ان وقت کان ئي هن نئين اسلامي مملڪت جي خلاف طاقت آزمائڻ شروع ڪري ڏني. تان جو پاڻ ڪريمن صه جن پنهنجي وصال تائين لڳاتار ڏهه سال جنگ جي حالت ۾ زندگي گذاري. هر وقت کين دشمن جي مقابلي لاءِ تيار رهڻو پيو. ان غرض لاءِ پاڻ ڪريم صه جن هر وقت اصحابن سڳورن جا ننڍا ننڍا هٿيار بند ٽولا ٺاهي مختلف طرفن ڏانهن موڪليندا رهندا هئا. انهن مهمن يا جنگين جو نالو تاريخدانن سرايا (سريه) رکيو، جن جنگين ۽ مهمن ۾ حضور نبي ڪريم صه جن بذاتِ خود شريڪ ٿيا. انهن کي غزوات (غزوه) چيو ويو. تاريخدانن سرايا جي تعداد ۾ اختلاف ڪيو آهي. ڪن 35، ڪن 48، ڪن 50، ڪيترن 66 ۽ ڪن وري 73 بيان ڪيو آهي. ليڪن غزوات (غزون) جو تعداد اتفاقِ راءِ سان 27 آهي. هيٺ مختصر طور سڀني غزوات جو ذڪر ڪجي ٿو:
• غزوه ودان يا غزوه الابواء: صفر مهيني ٻين هجريءَ ۾ پاڻ ڪريمن صه مڪي جي مشرڪن بنو ضمره تي ڪاهه ڪئي. هن غزوي ۾ اسلامي لشڪر ۾ صرف مهاجرين شامل هئا. هن غزوه جو نائب سعد بن عباده مقرر ڪيو ويو هو. بنو ضمره وارن جنگ وڙهڻ بجاءِ ٺاهه ڪيو. پاڻ ڪريم صه جن 15 ڏينهن مديني کان ٻاهر رهيا. 20 صفر تي واپس آيا.
• غزوه بواط: ماهه ربيع الاول ٻين هجري پاڻ ڪريم صه جن 200 مهاجرين سان هڪ تجارتي قافلي تي بواط ڏانهن ڪاهي ويا. هن غزوي جو نائب مديني مان ئي حضرت سعد بن معاذ کي مقرر ڪيو هئائون. پر جنگ جي نوبت ڪانه آئي. پاڻ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ موٽي آيا.
• غزوه سفوان: بواط کان واپسيءَ تي پاڻ ڪريم صه جن کي خبر پئي ته ڪرز بن جابر فهري مسلمانن جا ڍور ڦري ويو آهي، ته پاڻ ڪرز جي پويان نڪري پيا. هن جنگ لاءِ حضرت زيد بن حارث کي نائب مقرر ڪيو ويو هو. بدر وٽ سفران جي ماٿريءَ تائين ڪرز بن جابر کي ڳوليو ويو، پر نه مليو. تنهن ڪري پاڻ واپس آيا.
• غزوه ذي العشيرة: غزوه سفوان کان موٽڻ کان هڪ مهيني کان پوءِ پاڻ سڳورن کي خبر پئي ته توقع جي خلاف سياري جي موسم ۾ قريش وارن هڪ تجارتي قافلو انهيءَ مقصد سان موڪليو هو ته هو مسلمانن خلاف ويڙهه لاءِ سرمايو ڪٺو ڪن. پاڻ سڳورن جمادي الآخر ٻين هجريءَ ۾ ڏيڍ سو مهاجرن کي پاڻ وٺي انهيءَ قافلي کي روڪڻ لاءِ ويا. مينبع جي ويجهڙو عشيره ۾ خيما کوڙي تاجرن کي ڳوليو ويو، پر اهي نه لڌا. انهيءَ دوران بنو مدلج سان معاهدو ڪري پاڻ واپس آيا. انهيءَ مهم ۾ حضرت ابو مسلم بن عبدالاسد کي نائب مقرر ڪيو هئائون.
• غزوه بدر: غزوه ذي العشير واري مهم کان ٻه مهينا پوءِ غزوه بدر پيش آيو. هي پهريون غزوو هو، جنهن ۾ جنگ لڳي. دراصل اهو قافلو جنهن جي پويان حضور جن ويا هئا، انهن مڪي وارن کان فوج گهرائي جيڪا بدر جي ميدان تي پهچي چڪي هئي، جنهن لاءِ حضور صه جن وٽ سواءِ جنگ جي ٻيو چارو ڪونه هو. پاڻ سڳورن حضرت ابو لبابه کي مديني جو نائب مقرر ڪيو ۽ 305 جانثارن سان 8 رمضان ٻين هجريءَ تي انهيءَ جنگ لاءِ روانا ٿيا. هن غزوي ۾ مهاجرين سان گڏ انصار به شامل هئا. اها جنگ 17 رمضان بمطابق 13 مارچ 624ع تي لڳي، جنهن ۾ 14 مسلمان شهيد ٿيا. جڏهن ته 70 دشمنن کي هلاڪت نصيب ٿي. پاڻ 27 رمضان تي واپس مديني پهتا. (وڌيڪ ڏسو: بدر جي جنگ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون، ص 411)
• غزوه بني قينقاع: بدر جي جنگ تان موٽڻ کان 20 ڏينهن پوءِ يعني شوال ٻين هجريءَ جي آخر ۾ هڪ يهودي قبيلي قينقاع وارن هڪ مسلمان عورت جي چهري تان زوريءَ پردو هٽايو. حضور صه جن جڏهن کين تنبيهه ڪئي ته هو آڪڙجي ويا. تنهن سبب مجبور ٿي پاڻ سڳورن اصحابين جي هڪ جماعت ساڻ ڪري بنو قينقاع وارن تي چڙهائي ڪئي. مديني ۾ حضرت ابولبابه رضه کي نائب مقرر ڪرڻ فرمايائون. پندرهن ڏينهن تائين پاڻ سڳورن بنو قينقاع وارن تي زبردست ڪڙو چاڙهيو، محاصري سبب دشمن مجبور ٿي پيو ۽ صلح جي آڇ ڪيائون. پاڻ سڳورن سندن جان بخشي، پر سندن سڀ مال متاع ضبط ڪرڻ فرمايو ۽ کين جلاوطن ڪري ڇڏيو. کين انهي غزوي مان ذوالقعد جي پهرين تاريخ فرصت ملي.
• غزوه سويق: ٻئي مهيني ابو سفيان جنگ بدر جي شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ مديني منوره تي چڙهائي ڪئي. ٻن مسلمانن کي ستي پئي شهيد ڪيو ويو ۽ دشمن فرار ٿي ويو. حضور صه جن کي جڏهن اطلاع مليو ته پاڻ حضرت ابولبابه رضه کي مديني جو نائب مقرر ڪري ٻن سو اصحابين کي وٺي 5 ذوالحج ٻين هجريءَ تي تعاقب ۾ نڪتا. ابوسفيان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ سَتونءَ (سويق) جون ٻوريون رستي تي اڇلايون ۽ فرار ٿي ويو. حضور صه جن پنجن ڏينهن کانپوءِ مهم تان واپس آيا.
• غزوه قرقرة الڪدر: ايندڙ مهيني حضور صه جن کي اطلاع مليو ته عراق ۽ مڪي واري رستي تي بنو سليم ۽ غطفان وارا شرارت لاءِ بيٺا آهن. پاڻ 200 اصحابين کي ساڻ ڪيو. حضرت عبدالله بن ام مڪتوم کي مديني جو نائب مقرر ڪيو ويو. پاڻ سڳورا محرم (ٽين هجري) جا 15 ڏينهن گذاري دشمنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن پاڻ قرقرة الڪدر پهتا ته دشمن پنهنجو مال اسباب ڇڏي فرار ٿي ويا. ائين لڙائيءَ جي نوبت ڪانه آئي. پاڻ سڳورا محرم جي آخر ۾ مديني پهتا.
• غزوه بني غطفان: غزوه قرقره الڪدر کي هڪ مهينو گذريو ته ذوامر واري جاءِ تي ثعلبه ۽ محارب جي مشرڪن جي گڏ ٿيڻ جي خبر پهتي. حضور صه جن حضرت عثمان غني رضه کي پنهنجو قائم مقام مقرر ڪيو ۽ ساڍا چار سئو گهوڙي سوار پاڻ سان وٺي 12 ربيع الاول 3 هجريءَ تي روانا ٿيا. دشمنن سان لڙائيءَ جي نوبت ڪانه پهتي ته پاڻ 23 ربيع الاول تي واپس آيا.
• غزوه بني سليم: غزوه بني غطفان جي ٻن مهينن کان پوءِ بنو سليم بحران واري هنڌ تي وري مشرڪين جي گڏ ٿيڻ جو اطلاع مليو. پاڻ سڳورا عبدالله بن ام مڪتوم کي پنهنجو نائب مقرر ڪري ٽي سو اصحابين سان 6 جمادي الاول 3 هجري تي انهي فتني کي ختم ڪرڻ لاءِ پهتا. دشمن سندن اچڻ جو ٻڌي ڀڄي ويا، ان لاءِ ڪابه جنگ نه ٿي. پاڻ سڳورا 6 جمادي الاول تي مديني موٽي آيا.
• غزوه احد: ٽن مهينن کان پوءِ مڪي مان خبر آئي ته قريش، بدر واري شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ ٽن هزارن ماڻهن جو لشڪر ساڻ ڪري اچي رهيا آهن. پاڻ سڳورن کي اهو اطلاع 5 شوال تي مليو. ٻئي ڏينهن پاڻ سڳورن حضرت ابن مڪتوم کي نائب مقرر ڪري هڪ هزار مسلمانن جو لشڪر ساڻ ڪري مقابلي لاءِ نڪتا. رستي ۾ ٽي سئو منافقن سندن ساٿ ڇڏي ڏنو. تاريخ 7 شوال تي مديني جي اتر اوڀر ۾ موجود احد جبل جي ڪڇ ۾ معرڪو ٿيو. مسلمان تير اندازن جي هڪ غلطيءَ سبب مجاهدن جو ڪافي نقصان ٿيو ۽ ستر مجاهد شهيد ٿيا. جڏهن ته دشمنن جا 23 ماڻهو مارجي ويا.
• غزوه حمراء الاسد: حضور جن غزوه احد ۾ زخمي ٿي پيا هئا. ان جي باوجود پاڻ 8 شوال تي مسلمانن جي ٿڪل لشڪر کي ساڻ ڪري قريش جي لشڪر پويان ويا ته جيئن هو وري مديني تي حملو نه ڪن. پر جنگ جي نوبت نه آئي. پاڻ 13 شوال 3 هجري تي مديني موٽي آيا.
• غزوه بني النضير: جنگ احد کي چار مهينا گذريا ته بنو عامر جي چوڻ تي پاڻ 41 اصحابين جو انتخاب ڪيائون ته جيئن هو وڃي بئر معونه ۾ اسلام جي تبليغ ڪن. انهي هنڌ تي بنو سليم جي مشرڪن اصحابين کي گهيري ۾ آندو ۽ 40 اصحابي شهيد ٿي ويا. هڪ اصحابي زنده واپس اچي رهيو هو ته انتقام جي باهه ۾، هن بنو عامه قبيلي جي ٻن ماڻهن کي ماري وڌو. ان اصحابي کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو رسول الله صه جو ڪو عهدنامو ٿيل آهي. حضور جن کي جڏهن خبر پئي پاڻ بنو نضير وارن سان ديعت ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. پر بنو نضير وارن مٿن حملو ڪرڻ جي سازش رٿي. حضور صه جن کي جڏهن خبر پئي ته پاڻ ڪريم جن انهيءَ بد عهدي سبب کين حڪم فرمايو ته ڏهن ڏينهن اندر مديني مان نڪري وڃن. پر انهن گستاخيءَ وارو جواب ڏنو. تنهن ڪري حصور جن ابن مڪتوم رضه کي نائب مقرر ڪري اصحابين جي هڪ جماعت ساڻ ڪري بنو النضير وارن جي قلعي تي ڪڙو چاڙهيو. پندرهن ڏينهن کانپوءِ دشمنن هٿيار ڦٽا ڪيا. ڪو به جاني نقصان ڪونه ٿيو. يهودين جو اسلحو ضبط ڪيو ويو. کين اجازت ڏني وئي ته اٺن تي هو جيترو به مال کڻي سگهن ٿا، کڻي وڃن. هي غزوه ماهه ربيع الاول ۾ پيش آيو.
• غزوه بدر الموعد: شوال 3 هه ۾ جڏهن حضور جن بدر کان واپس اچي رهيا هئا ته ابو سفيان کين للڪاريو هو ته ايندڙ سال بدر ۾ وري مقابلو ٿيندو. ليڪن ابو سفيان جنگ جون تياريون ڪري نه سگهيو، پر هن مديني ۾ اهو هُلايو ته هن سال قريش وارن زبردست تياريون ڪيون آهن. جي مسلمان مقابلي ۾ آيا ته کين وڏو نقصان کڻڻو پوندو. حضور صه جن کي جڏهن اها خبر پئي ته پاڻ جهاد جو اعلان ڪيائون. هن دفعي پاڻ حضرت عبدالله بن رواح رضه کي پنهنجو نائب مقرر ڪيائون. 26 شوال 4 هجريءَ تي 1500 مجاهدن کي ساڻ ڪري بدر ڏانهن روانا ٿيا. ذوالقعد جي پهرين تاريخ ابو سفيان ٻن هزارن جو لشڪر ساڻ ڪري نڪتو، پر مقابلي جي همت ساري نه سگهيو ۽ مرا نظهران کان ئي پوئتي موٽي ويو. حضور جن سندن 15 ڏينهن انتظار ڪرڻ فرمايو، پوءِ 12 يا 13 ذوالقعد تي واپس آيا.
• غزوه ذات الرقاع: مٿين غزوي کان ڏيڍ مهينو پوءِ حضور صه جن کي اطلاع مليو ته انمار ۽ ثعلب نالي قبيلن وارا سندن خلاف جنگ جون تياريون ڪري رهيا آهن. حضور صه جن حضرت عثمان رضه کي نائب مقرر ڪري، چئن سون اصحابين سان ڏهين محرم 5 هجري تي ذات الرقاع واري علائقي ڏانهن روانا ٿيا. چار ڏينهن سفر ڪرڻ کان پوءِ اتي پهتا، پر دشمن فرار ٿي جبلن ۾ لڪي ويا. ان لاءِ جنگ جي نوبت ڪانه آئي. پاڻ سڳورا ٻه ٽي ڏينهن اتي رهيا ۽ 25 محرم تي واپس مديني پهتا.
• غزوه دومته الجندل: مديني کان تيرهن چوڏهن ڏينهن جي مسافريءَ تي اتر طرف دومته الجندل جو هڪ نصراني حاڪم، مسلمان واپاري قافلن کي تنگ ۽ پريشان ڪري رهيو هو. حضور صه جن سندس سرڪوبيءَ لاءِ هڪ هزار مسلمانن جي فوج تيار ڪئي. مديني تي حضرت سباع رضه بن عرفطه کي پاڻ نائب مقرر ڪيائون ۽ 25 ربيع الاول 5 هجريءَ تي دشمنن جي سرڪوبيءَ لاءِ نڪتا. پان دشمن جي علائقي ۾ پهتا، پر ڪو به مقابلي لاءِ ڪونه آيو. ڪجهه ڏينهن اتي قيام ڪري 2 ربيع الآخر تي مديني پهتا.
• غزوه بني المصطلق: مٿين غزوي کان ٽي مهينا پوءِ حضور صه جن کي خبر پئي ته خزاعه قبيلي جي شاخ بنو مصطلق، مديني تي حملي جي تياري ڪري رهي آهي. حضور صه جن انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ٿوري فوج ڪٺي ڪري 2 شعبان 5 هجري مرسيع ڏانهن روانا ٿيا. مديني ۾ حضرت زيد بن حارثه رضه کي قائم مقام مقرر ڪيائون. دشمنن سان مقابلو ٿيو، پر دشمن ست نه ساري سگهيو. ڏهه ڪافر مارجي ويا. جڏهن ته هڪ اصحابي شهيد ٿيو. ان کان سواءِ 600 ڪافر گرفتار ڪيا ويا. انهن ڇهن سون ۾ قبيلي جي سردار جي ڌيءَ به شامل هئي. حضور صه جن جويريه جي خواهش پٽاندر کيس آزاد ڪري ساڻس نڪاح ڪيو. انهيءَ ڪري اصحابين ٻين قيدين کي به آزاد ڪري ڇڏيو. پاڻ 30 شعبان تي واپس مديني پهتا.
• غزوه خندق: مٿئين غزوي جي هڪ مهيني کان پوءِ حضور صه جن کي خبر پئي ته قريش وارا ۽ يهودي گڏجي مديني تي حملو ڪرڻ وارا آهن. پاڻ سڳورن هن ڀيري مديني ۾ ئي سندن مقابلي جو سوچيو. (وڌيڪ ڏسو: خندق جي جنگ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص 515)
• غزوه بني قريظه: مديني جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ بنو قريظه جي يهودين خندق واري جنگ ۾ مسلمانن سان بدعهدي ڪئي هئي، تنهنڪري جيئن ئي حملي آور واپس ٿيا ته حضور صه جن حضرت ام مڪتوب رضه کي نائب مقرر ڪري 23 ذي القعد تي 3000 اصحابي ساڻ ڪري بنو قريظه جو گهيرو تنگ ڪيو. ڪجهه ڏينهن مسلمان مٿن تير وسائيندا رهيا. آخرڪار يهودين جنگ جو ست نه ساري صلح جي درخواست ڪئي ۽ اها گذارش به ڪئي، ته حضرت سعد بن معاذ رضه کي ٽياڪڙ طور مقرر ڪيو وڃي. حضرت سعد جي فيصلي موجب ڇهن سون کان ستن سون تائين مردن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارن ۽ عورتن کي قيد ڪيو ويو.
• غزوه بنو لحيان: مٿيئن غزوي جي ٻن مهينن کان پوءِ الرجيع جي قبيلي بنو لحيان وارن اسلامي تعليمات لاءِ ڏهن اصحابين کي گهرائي کين دوکي سان شهيد ڪري ڇڏيو. انهيءَ غداريءَ جو سبق ڏيڻ لاءِ حضور صه جن ٻن سون اصحابين جو لشڪر تيار ڪيو ۽ حضرت عبدالله بن ام مڪتوم کي قائم مقام مقرر ڪيو. پاڻ 29 صفر 6 هه ۾ روانا ٿيا. دشمنن کي سندن اچڻ جي خبر پئي ته فرار ٿي ويا. ٻه ڏينهن سندن تلاش جاري رهي، مگر انهن مان ڪوبه هٿ ڪونه آيو.
• غزوه ذي قرد: پاڻ مٿئين غزوي تان واپس آيا ته بنو غطفان جي ڌاڙيلن مديني جي چراگاهن تي راتاهو ڪري هڪ اصحابي سڳوري کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ 20 اٺڙيون ڪاهي ويا. اهڙو اطلاع ملندي ئي پاڻ سڳورن صه 500 اصحابي ساڻ ڪري 16 ريبع الاول 6 هجريءَ تي ڏاڙيلن جو تعاقب ڪيو. پر حملي آور ڌاڙيل فرار ٿي ويا. پاڻ هڪ ڏينهن ذي قرد جي چشمي تي قيام ڪري واپس آيا. هن غزوي ۾ ٻه مسلمان شهيد ۽ هڪ ڪافر هلاڪ ٿيو.
• غزوه (صلح) حديبيه: ڇهين هجري شوال مهيني جي آخر ۾ پاڻ سڳورا عمري جي نيت سان مڪي پاڪ ويا. هي سفر ڪنهن به صورت ۾ جنگ ڪرڻ جي خيال کان ڪونه هو. پر جيئن ته حضور صلي الله عليه وسلم جن بنفسِ نفيس وڃي رهيا هئا، جنهن ڪري هن سفر کي به غزوي جو درجو ڏنو ويو. هڪ هنڌ جنگ جي صورتحال پيدا ٿي ته پاڻ سڳورن اصحابين کان بيعت ڪرائي. هن سفر ۾ ساڻن 1400 اصحابي هئا. حديبيه ۾ قيام دوران قريش وارن سان امن جو معاهدو ٿيو. (وڌيڪ ڏسو: صلح حديبيه)
• غزوه خيبر: جيئن ئي قريش وارن سان سندن امن جو معاهدو ٿيو ته پاڻ سڳورن هڪ طرف اسلامي دعوت جو سلسلو تيز ڪيو، ٻئي طرف يهودين جي شرارتن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا. (وڌيڪ ڏسو: خيبر جي جنگ (غزوه خيبر)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ص544)
• غزوه عام الفتح: صلح حديبيه ۽ خيبر جي يهودين جي سرڪوبي کان پوءِ حضور جن کي صرف سترهن مهينن جو وقفو مليو، جنهن دوران پاڻ هٿيار نه کنيائون، پر قريش ۽ بنو بڪر وارا ٻه سال به معاهدي تي قائم رهي نه سگهيا. کين سندن عهد شڪني جي سزا ڏيڻ لاءِ پاڻ وسيع پيماني تي تياريون شروع ڪيائون. حضرت ابوذر غفاري رضه کي مديني ۾ نائب مقرر ڪرڻ فرمايائون. 10 رمضان 8 هه تي مڪي ڏانهن روانا ٿيا. 17 رمضان تي اسلامي فوجن مرالظهران ۾ پنهنجا خيما کوڙيا. اسلامي فوج جو تعداد ڏهه هزار هو. 20 رمضان تي اسلامي فوجون مڪي ۾ داخل ٿيون. ڪن ڪافرن مزاحمت ڪئي. جن ۾ 3 مسلمان شهيد ٿي ويا. 24 ڪافر مارجي ويا. چار مشرڪين پنهنجي اڳين اعمالن سبب قتل ڪيا ويا ۽ پوءِ مڪي ۾ امن ٿي ويو.
• غزوه حنين: حضور جن مڪي ۾ 15 ڏينهن رهيا، انهي دوران هازن ۽ ثقيف قبيلي وارن اسلام جي اهڙي تڪڙي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ لشڪر تيار ڪيو. حضور صه جن مڪي ۾ حضرت عتاب بن اسيھ اموي رضه کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ 12 هزارن جو لشڪر کڻي 6 شوال تي جنگ لاءِ روانا ٿيا. حنين وارن جبل جي سوڙهن لنگهن مان دشمن اوچتو حملو ڪري ڏنو. تنهنڪري اسلامي لشڪر ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. حضور جن لشڪر کي سڏي ٻيهر لشڪر جي ترتيب ڏني ۽ دشمنن تي جوابي حملو ڪيو. جنهنڪري ڪافرن جا حوصله خطا ٿي ويا ۽ شڪست کائي اوطاس پهتا. مسلمان فوجون سندن تعاقب ڪندي اوطاس پهتيون ۽ کين شڪست ڏنائون. هن جنگ ۾ ڇهه مسلمان شهيد ٿيا. جڏهن ته 27 ڪافر قتل ۽ ڇهه هزار قيدي ٿيا. مالِ غنيمت ۾ 24 هزار اٺ ۽ 40 هزار ٻڪريون مليون.
• غزوه طائف: حنين جي غزوي کان پوءِ پاڻ سڳورا ماٺ ڪري ڪونه ويٺا. ڇو ته بنو ثقيف وارا شڪست کان پوءِ طائف وڃي قلعي بند ٿي ويهي رهيا. 13 شوال 8 هجري ۾ پاڻ سڳورن طائف جو گهيرو ڪيو، جيڪو 18 ڏينهن جاري رهيو. قلعي جي ڀت ڀڃڻ ۾ 12 مسلمان شهيد ٿيا. اصحابين جي صلاح تي پاڻ قلعي جو گهيرو ختم ڪيائون، جو قلعي ۾ تمام ٿورا ماڻهو هئا، جن مان کين ڪو به خطرو محسوس ڪونه ٿيو. پاڻ واپسيءَ تي عمرو ادا ڪيائون ۽ 26 ذي القعد تي واپس مديني واپس پهتا.
• غزوه تبوڪ: تبوڪ جي جنگ جي تياري رجب 9 هجري/نومبر 630ع ۾ ڪئي وئي. سلطنت روم جي مسلمانن سان ڇڪتاڻ جي شروعات توڙي جو مڪي جي فتح کان اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي، پر جڏهن 8 هجري/629ع ۾ موته واري هنڌ تي شرجيل جي هڪ لک فوج ٽي هزار مسلمان مجاهدن هٿان گندي طريقي سان شڪست کاڌي ته قيصر روم اهو داغ ڌوئڻ لاءِ شام جي سرحد تي مسلمانن خلاف فوجي تياريون شروع ڪري ڏنيون. ان جا ماتحت غساني ۽ ٻيا عرب سردار به فوجون گڏ ڪرڻ لڳا. پاڻ ڪريم صه جن اسلام جي دشمنن جون اهي تياريون ڏسي بنا دير قيصر روم جي تمام وڏي طاقت سان ٽڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. جن حالتن ۾ تبوڪ جي غزوي (جنگ) جي تياري ڪئي وئي، اهي تمام ڏکيون هيون. ملڪ ۾ قحط جي حالت هئي، سخت گرمي پئجي رهي هئي، فصل پچڻ کي ويجها هُئا، سوارين ۽ جنگي ساز ۽ سامان جو بندوبست نهايت ڏکيو هو، سرمائي جي گهڻي گهٽتائي هئي ۽ مقابلو دنيا جي ٻن وڏين طاقتن مان هڪڙي سپر طاقت سان هو. پاڻ ڪريمن صه جن اهو ڏسندي ته هي گهڙي حق جي دعوت لاءِ زندگي يا موت جي گهڙي آهي، جنگ جي تياريءَ جو عام اعلان ڪيو. مسلمانن کي پورو پورو احساس هو ته اهي جنهن تحريڪ لاءِ ٻاويهن سالن کان جدوجهد ڪري رهيا هئا، ان جي فيصلي جو وقت اچي چُڪو آهي. تان جو مسلمانن انهي احساس سان جنگ لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان تياري ڪئي. تمام گهڻين تڪليفن جي باوجود مسلمانن جنهن جذبي، عزم ۽ همت جو ثبوت انهي موقعي تي ڏنو، اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ٽيهه هزار مسلمانن جي فوج جڏهن تبوڪ جي هنڌ تي پهتي تڏهن معلوم ٿيو ته قيصر روم ۽ سندس حامين حملي جي بجاءِ پنهنجون فوجون سرحدن کان هٽائي ڇڏيون آهن. اهڙيءَ طرح جنگ جي نوبت ئي نه آئي. ان موقعي تي مسلمانن کي جيڪا اخلاقي فتح حاصل ٿي پاڻ ڪريمن صه جن ان کي ڪافي سمجهيو ۽ شام جي سرحد ۾ داخل ٿيڻ جي بجاءِ ويهن ڏينهن تائين تبوڪ ۾ رهي انهن ننڍين ننڍين رياستن، جيڪي روم ۽ مسلمانن جي علائقي جي وچ تي هيون، کي اسلامي تابعدار ڪري اسلامي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح اسلامي رياست جون حدون رومي سلطنت تائين وسيع ٿي ويون ۽ جن عرب قبيلن کي روم جا بادشاهه عربن جي خلاف استعمال ڪري رهيا هئا، هاڻي انهن جو گهڻو تڻو حصو مسلمانن جو مددگار ٿي پيو.