غزوات النبي صلي الله عليه وآله وسلم (قلمي نسخو)

غزوات النبي صلي الله عليه وآله وسلم (قلمي نسخو)

غزوات النبي صلي الله عليه وآله وسلم قلمي نسخو

غزوات النبي صلي الله عليه وآله وسلم (قلمي نسخو): سنڌيءَ ۾ ‘غزوات النبي’ جي نالي سان هي منظوم تاريخ مخدوم عبدالله جي جوڙيل آهي. هن نسخي ۾ رسولِ خدا صه جن جي غزواتن جو ذڪر سنڌي ٻوليءَ ۾ منظوم شعر ۾ ڪيل آهي. نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت جي تاريخ بابت ڪا معلومات ڄاڻايل نه آهي. نسخي جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
ڪيم ڪه غزواتن جو ٿم مذڪورا،
جي ڪيون جنگيون ڪافرن سان پاڻ پيغمبر ڪريما”
پڄاڻي هن طرح ٿئي ٿي:
“جا ڪئي ناحق جنگ آن سين علي مرتضيٰ”
174 صفحن تي مشتمل قلمي نسخو خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو