غزيني

غزيني: مري بلوچن جو هڪ مکيه قبيلو آهي. روايتن ۾ آهي ته ’غز‘ هڪ جابلو وڻ آهي، ان جي هيٺان هڪ مريءَ کي پٽ ڄائو هو، وڻ جي نسبت سان ان جو نالو غزيني رکيو ويو، ان غزيني کي تمام گهڻو اولاد ٿيو، جنهن پڻ پاڻ کي ‘غزيني’ سڏايو، ان کان پوءِ هن ڌر جي نالي سان هڪ قبيلي، خاندان ۽ پاڙي جو بنياد پيو.


لفظ غزينيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو