غشي

غشي (Syncope): ماڻهو اوچتو عارضي هوش (Consciousness) وڃائي ويهي ۽ غش کائي وڃي، جنهن جو سبب اوچتو رت جي دٻاءُ (داٻ- Blood Pressure) جي گهٽ ٿيڻ آهي، جنهن ڪري دماغ کي گهربل پورو رت ناهي ملندو ته نتيجي ۾ ماڻهو وقتي غش کائي ويندو آهي. ڏٺو ويو آهي ته هيءَ وقتي بي هوشي (غشيءَ) واري حالت اهڙن ماڻهن کي ٿيندي آهي، جيڪي ٿلها (Obese) هوندا آهن يا جيڪي گهڻا جذباتي ۽ ڪاوڙيل هوندا آهن. تنهن کان سواءِ گهڻو رت وهڻ، يا رت کي ڏسڻ، ڏک ۽ غم جو نظارو ڏسڻ ڪري يا خود ماڻهوءَ کي اوچتي ڏک، صدمي هراس يا خوشي حاصل ٿيڻ کان به ٿيندي آهي. اهڙا نازڪ مزاج يا اهڙا محنت ڪش ماڻهو جيڪي پنهنجي سگهه کان وڌيڪ جسماني پورهيو ڪن، اهڙا ملازم جيڪي پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ گهڻي گرميءَ ۾ يا گهڻي پگهر وهڻ ڪري ۽ گهڻي دير تائين بيٺا رهندا آهن. انهن سان به ائين ٿي سگهي ٿو. هن وقتي غش ٿيڻ کان اڳ ۾ دل ڪچي ٿيندي آهي. مٿي کي ڀوانٽي ايندي آهي. جسم تي پگهر ايندو آهي يا جسم ٿڌو ٿي ويندو آهي. ڪنن مان زوزٽن جا آواز ايندا آهن ۽ لڱن ۾ (ڪمزوريءَ واري) ڏڪڻي ٿيندي آهي. انهيءَ حالت ۾ ماڻهو وائڙو نظر ايندو آهي ۽ ڏسندي ڏسندي غش کائي ويندو آهي. جيڪڏهن غشيءَ جو عرصو ڊگهارو هجي يا حملو زوردار هجي ته ماڻهو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويندو آهي.


لفظ غشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو