غضنفر خان عالمگيري

غضنفر خان عالمگيري: غضنفر خان ولد وردي خان جهانگيري، شاھجھان بادشاھہ جي دؤر ۾ ٺٽي جو گورنر هو. هو انتهائي بھادر ۽ عقلمند هو، ان ڪري شاھجھان بادشاھہ وٽ سندن گهڻي عزت هوندي هئي. پاڻ شاھجھان بادشاھہ جي تخت تي ويهڻ جي تيرهين سال ۾ توپ خاني جو دارغو ۽ فوج جو نگران مقرر ٿيو. هو شھزادي مراد بخش سان گڏ بلخ جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ پيادل فوج جو سپھہ سالار مقرر ٿيو. ان کانپوءِ يو.پي هندستان واري علائقي جو گورنر رهيو. هن بادشاھہ جي حڪم تي سهارنپور شھر کي ويجهو هڪ ’مخلص پور‘ نالي شھر آباد ڪرايو، جتي تمام گهڻي خرچ سان سرڪاري محل تعمير ڪرايائين. کيس بادشاھہ تمام گهڻو چاهيندو هو ۽ سندن ڪارڪردگي مان گهڻو مطمئن هوندو هو، ان ڪري کيس ’جونپور‘ جو گورنر مقرر ڪيائين. آخر ۾ شاھجھان بادشاھہ 1664ع ۾ کيس ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو، جتي ٽن سالن تائين انهيءَ عهدي تي رهڻ کانپوءِ 1666ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو