غـلام حـيـدر فقير شر جو مقـبرو
غـلام حـيـدر فقير شر جو مقـبرو: نامياري بزرگ ۽ صوفي شاعر غلام حيدر فقير شر بلوچ عرف گودڙيي فقير جو ھيءَ مقبرو، ڳوٺ منگهو فقير شر، تعلقي ٺري ميرواھھ، ضلعي خيرپورميرس۾ واقع آھي. ھي مقبرو خان ٽالپر '>مير علي مراد خان ٽالپر (پھرئين) تعمير ڪرايو، جنھن جي ھن بزرگ سان تمام گهڻي عقيدت ھئي. تصوف جي راھھ ۾ سندس استاد فقير نانڪ يوسف کوکر ھو، جيڪو حضرت سچل سرمست جو معتقد ھو، سندس شاعري مٿان ٻنهي جو رنگ چڙھيل نظر اچي ٿو. مقبري جي عمارت سادي ۽ روايتي سنڌي طرز جي ٺھيل آھي. سڄي مقبري جي اندر۽ ٻاھر ڪنھن بھ قسم جي چٽسالي نھ ھئڻ باوجود مقبرو انتھائي خوبصور نظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مھڙ واري ديوار ۾ گول ونگ سان ھڪ ئي لنگهھ ڏنل آھي ۽ ڀرپاسي سان مختلف ماپ جون ٽي- ٽي نوڪدار ونگ واريون کسي دريون ڇڏيل آھن. اھڙيون ئي ٻھ کسي دريون لنگهھ جي مٿان پڻ آھن. ساڳيءَ طرح سان پاسي وارين ديوارن تي بھ کسي درين جا پينل ٺاھيل ڏسجن ٿا، جن مان ھيٺين قطار ۾ فقط ھڪ دري کي کليل ڇڏيو ويو آھي. مقبري جي مٿئين حصي ۾ چوڌاري ٻيڙ ٻنو ڏنل آھي. مھاڙي واري ديوار جي مٿان چار عدد چورس ميناريون آھن، جن مٿان نيل رکيل آھي. ڇت جي پوئين ٻنهي ڪنڊن تي بھ ھڪ ھڪ ميناري رکيل آھي. مقبري جي ڇت تي اٽڪنڊو ڳچ آھي، جنھن ۾ ھوا ۽ روشني لاءِ نوڪدار دريون ڏنل آھن. ڳچ مٿان گول گنبذ آهي، جنھن مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو گل ۽ نيل رکيل آھي. گنبذ سميت سڄي عمارت تي نقاشي وغيره کان پاسو ڪيو ويو آھي. گنبذ جي اندرئين حصي ۾ بھ صرف سائو رنگ ٿيل ٿو ڏسجي. باقي سڄي عمارت تي محض اڇو رنگ ڪيل آھي، مقبري اندر غلام حيدر فقير کانسواءِ سندس ٻين معتقدن جون قبرون بھ آھن. ھر سال 13 ربيع الاول تي غلام حيدر فقير جو عرس ٿيندو آھي، جنھن ۾ مقامي ماڻهن سميت سڄي سنڌ مان وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آھن ۽ باسون باسيندا آھن.