ڊاڪٽرغلام محمد لاکو

ڊاڪٽرغلام محمد لاکو

غـلام مـحـمـد لاکـو، ڊاڪـٽر

غـلام مـحـمـد لاکـو، ڊاڪـٽر: اديـب، مـحـقـق ۽ تـاريخـدان غلام محمد ولد محمد ابراھيم لاکو 6 جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيي، تعلقي موري، ضلعي نوابشاھ (ھاڻوڪي نوشھري فيروز) ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، ايم. اي (انگريزي ادب) 1980ع ۾ ۽ ٻي ايم. اي (تاريخ) 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ۽ پي. ايڇ. ڊي ‘ارڙھين صديءَ جي سنڌ’ جي عنوان سان 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هي درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو ۽ 2014ع ۾ تاريخ جي شعبي (سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو) مان پروفيسر ۽ چيئرمئن طور رٽائرڊ ٿيو. ھن نواب شاھ ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران، مولانا غلام محمد گراميءَ جي صحبت ۾ تاريخ جي موضوع تي لکڻ شروع ڪيو. سندس پھريون مقالو ’ٺل مير رڪن‘ ٽہ ماھي ‘مھراڻ’ (1979ع) ۾ شايع ٿيو. هن سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڻ لکيو. سندس ڪجھ مضمون فارسيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آھن. ھن ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. يير حسام الدين راشدي، محمد ابراھيم جويي ۽ ايم. ايڇ. پنھور سان علمي ۽ ادبي حوالي سان انتھائي ويجهو رھيو. غلام محمد لاکو مختلف ادارن: سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ثقافت کاتو، سنڌ آرڪائوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ۽ پاڪستان ھسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ سان بہ سلهاڙيل رھيو. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سينيٽ، اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف ايڊوانس اسٽڊيز اينڊ ريسرچ جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ رھيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) سنڌ صدين کان (تاريخ: 1980ع)، (2) سنڌي ادب (پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب جو ترجمو: 1981ع)، (3) تاريخ جا سبق (ترجمو: 1984ع)، (4) سمن جي سلطنت (تاريخ: 1987ع)، (5) دولھ دريا خان (ٻاراڻو ادب: 1990ع)، (6) ڳالهيون منھنجي سنڌ جون (ترتيب: 1992ع)، (7) مطالعو سنڌ جو (ترجمو: جلد پھريون: 1992ع، جلد ٻيو: 2004ع)، (8) جائزو '>سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو (مضمون، مقالا: 1997ع)، (9) مقالات راشدي (ترتيب: اردو: 2002ع)، (10) ڪلهوڙا دور حڪومت (تاريخ: 2004ع)، (11) سنڌ جي سمن جي بادشاھي (انگريزي: 2006ع)، (12) تاريخ معصومي (مرتب: 2008ع)، (13) جديد سنڌ جي تاريخ- ڪجھ جهلڪيون (انگريزي: 2008ع)، (14) سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا مغل نواب (تاريخ: 2008ع)، (15) مشھور سنڌي ماڻهو (ٻاراڻو ادب: 2009ع)، (16) تاريخ سنڌ- عرب دور (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: مرتب: 2009ع)، (17) تذڪره مشائخ سيوستان (مرتب: 2010ع)، (18) سنڌ- ڪڇ لاڳاپا (انگريزي، سنڌي: ترتيب: 2010ع)، ۽ (19) سنڌ شناسي (ايم. ايڇ پنھور: ترتيب: 2017ع) قابل ذڪر آھن. غلام محمد لاکو، سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ رسالي سنڌي ادب جا پنج پرچا ترتيب ڏيڻ کانسواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اھم رٿا انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ تاريخ جي موضوع جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ھن 03 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.7.06  عيسوي

6 جولاءِ 1954ع تي ڳوٺ مٺا خان جوکيي، تعلقي موري، ضلعي نوابشاھ (ھاڻوڪي نوشھري فيروز) ۾ پيدا ٿيو


2025.3.3  عيسوي

غـلام مـحـمـد لاکـي 03 مارچ 2025ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
ميرابوالقاسم سلطان ٺٽوي
ڌڻي بخش ميمڻ
باغ محمد بيشڪ جوکيو
عالمچند ڪولهي
پرڀداس ويرواڻي
جَڳُل مهيسر
شيخ عبدالرئوف
چراغ شاه
ملا حسن درساڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون