غفار

غفار: تعاليٰ جي هن صفاتي نالي ‘الغفار’ جي معنيٰ: “وڏو بخشڻهار ۽ ڍڪڻ وارو” آهي. تعاليٰ جو نالو غفار ان ڪري آهي، تہ هو پنھنجي بندن جي گناهن کي لڪائي يا ڍڪي ڇڏي ٿو. ائين کڻي چئجي تہ رب العزت پنھنجي بندن جا گناھہ معاف ڪرڻ وارو، خطائن کي درگذر ڪرڻ وارو، گناهن جي پردہ پوشي ڪرڻ وارو ۽ عيبن کي لڪائڻ وارو آهي. هن اسم بابت عالمن جو چوڻ آهي ته، اگر ڪو پريشان حال شخص هن اسم کي آڌي رات يا صبح جي نماز وقت سؤ دفعا پڙهندو تہ ان جون سڀ پريشانيون ختم ٿي وينديون. هي اسم جمالي آهي. هن جا ابجدي عدد 1281 آهن. قرآن مجيد جي سورتن مان سورة طھ، سورة نوح، سورة ص، سورة الزمر ۽ سورة غافر ۾ ڪل پنج دفعا آيو آهي.


لفظ غفارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو