غفور (اسماء الحسني): ﷲ تعاليٰ جي هن صفاتي نالي ‘الغفور’ جي معنيٰ: “وڏو بخشڻ وارو يا عيب ڍڪڻ وارو” آهي. غفور دراصل غفار جي معنيٰ ۾ آهي. ﷲ تعاليٰ جي مغفرت ۽ رحمت جي وسعت جو ڪو بہ اندازو نہ آهي. انسان کي ڪڏهن بہ خداوند عالم جي ذات مقدس مان نااميد ٿيڻ نہ گهرجي. مطلب ايمان آڻڻ کان پهرين يا توبہ ۽ استغفار جو احساس ٿيڻ کان پهرين ڪيترا بہ گناھہ ڪيل هجن، انسان اهو نہ سمجهي تہ هاڻي معافي ناممڪن آهي بلڪہ سچي دل سان توبھہ ڪري تہ ﷲ تعاليٰ سڀئي گناھہ معاف ڪري ڇڏيندو، ڇو تہ هو ‘غفور الرحيم’ آهي. هي اسم جمالي آهي ۽ هن جا ابجدي عدد 1286 آهن. قرآن مجيد ۾ هي اسم ٽيانوي (93) ڀيرا آيو آهي.