غلام احمد بدوي
غلام احمد بدوي: نامور اديب مرحوم غلام احمد بدوي ولد لطف الله بدوي 31 جولاءِ 1934ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. غلام احمد بدويءَ کي گھروارا پيار وچان ‘گل’ سڏيندا هئا. هن ابتدائي تعليم هندو سنڌي اسڪول نمبر 4، شڪارپور مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 مان 1950ع ۾، انٽر گورنمينٽ چيلا سنگھه ۽ سيتل داس (سي اينڊ ايس) ڪاليج مان، بي. اي ۽ ايم. اي سنڌي خانگي طرح حاصل ڪئي.
تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد مقرر ٿيو. 1962ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ليڪچرار هئڻ جي ناتي لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور کان علاوه مختلف ضلعن ۾ علم ڦهلائيندو رهيو ۽ ترقي ماڻيندي پرنسپال ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن: ٺل، روهڙي، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور وغيره ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. سندس والد لطف الله بدوي سنڌي ادب جو تمام وڏو نالو ٿي گذريو آهي. هي والد ۽ وڏي ڀاءُ احسان بدويءَ جي صحبت ۾ شعر و شاعري ڪرڻ لڳو. لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ سان ڪيائين. سندس لکڻيون ۽ نظم نخلستان، اخبار تعليم، ماهوار نئين زندگي ۽ ماهوار پيغام، سه ماهي مهراڻ کان سواءِ مختلف اخبارن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ سندس تحريرون ۽ نظم شايع ٿيندا هئا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘جھڄان جھانگين ڪاڻ’ (ترتيب)، ‘هندو پاڪ ڪِي علائقائي زبانين’ (پنجاب يونيورسٽي: 1958ع) ۽ ‘ازدواج مطهرات’ (1991ع) شامل آهن.هن پروفيسر لطف الله بدويءَ جون علمي ۽ ادبي خدمتون” جي عنوان سان ٿيسز لکي. جڏهن ته پنهنجي والد لطف الله بدويءَ جي ڪتابن جھڙوڪ : گيتانجلي، ڪليات بيڪس، دودو چنيسر، لطف لطيف ۽ احسان احمد بدوي جي ڪيل ادبي ڪم کي گڏ ڪري مقالات احسان جي نالي سان ترتيب ڏنو. ان کان علاوه ڪجھه افسانا به لکيا. خاص طور تي “غلط فهمي ۽ “خوفناڪ بدلو” سنڌي ادب ۾ خاصو مقام رکن ٿا. سنڌي ليکڪ يادگار ڪاميٽي شڪارپور ۾ ڪم ڪيو هئائين. تاريخ ۽ ادب تي کيس وڏي دسترس هئي.برک اديب ۽ شاعر هو. غلام احمد بدويءَ کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري (بعد از وفات) ڏني وئي.
هن 3 مارچ 1997ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪئي.