غلام احمد بيدم خواجه

غلام احمد ‘بيدم’، خواجه: نامور شاعر ۽ مترجم غلام احمد ‘بيدم’ ولد امام ڏنو خواجه، 1923ع ڌاري تلهار، تعلقي بدين ۾ پيدا ٿيو. 1929ع ۾ سنڌي اسڪول تلهار ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو، جتان 1937ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر (فائنل) جو امتحان پاس ڪيائين. ان وقت فائنل جي نصاب ۾ علم عروض جا سبق بحر وزن ۽ تقطيع وغيره پڙهايا ويندا هئا، جنهنڪري هن سنڌي پڙهڻ دوران علم عروض کان واقف ٿي شاعري شروع ڪئي. 1938ع ۾ تپيداري لاءِ امتحان پاس ڪيائين، پر ننڍي عمر سبب نوڪري ملي نه سگهيس. جنهن سبب ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد ٽالپر هاءِ اسڪول ۽ مدرسي ۾ داخل ٿي، انگريزي پڙهڻ ويٺو، جتان 1945ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ٽنڊي باگي ۾ پڙهڻ دوران محمد صديق ‘مسافر’ کان شاعريءَ ۾ اصلاح ورتائين. سندس پهريون شعر ‘هاريءَ جي زندگي ’ ، 5 جنوري 1940ع تي ٽنڊي باگي مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ‘ڳوٺ سڌار’ ۾ ڇپيو. جنهن بعد سندس شاعري ۽ مضمون وغيره مختلف رسالن ‘چوڏس’ ڪراچي، ‘سنڌو’، ‘مهراڻ’، ‘اديب سنڌ’ ۽ اخبارن: ‘الوحيد’، ‘هلال پاڪستان’ ۽ ‘تعليم اخبار’ ۾ ڇپجندا رهيا. هن ڪيترن ئي اردو شاعرن جي شاعري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو