غلام احمد نظامي

غلام احمد نظامي

غلام احمد نظامي

غلام احمد نظامي: مشهور صحافي ۽ شاعر غلام احمد ولد حاجي محمد صديق نظامي 15 جون 1895ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل لاهوري محلي لاڙڪاڻي جا ويٺل هئا. سندس والد روزگار خاطر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. سندس تعليم ٽي درجا اردو هئي، جنهن بعد درزڪو ڪم ڪرڻ ويٺو. 1924ع ۾ جهونا مارڪيٽ ۾ قومي ڪتبخاني جي نالي سان ڪتابن جو دڪان کوليائين. کيس ننڍي هوندي کان شاعريءَ جو شوق هو. شاعريءَ ۾ پهرين تخلص ’اصغر‘ پوءِ ’خبطي‘ ۽ آخر ۾ 1926ع ڌاري حضرت نظام الدين محبوب الاهيءَ جي گادي نشين اردوءَ جي وڏي اديب خواجا حسن نظاميءَ جي بيعت ڪرڻ کان پوءِ نظامي تخلص اختيار ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس شاعريءَ جي اصلاح محمد هاشم مخلص ۽ حاجي محمود خادم ڪندا هئا. عشقيه شاعريءَ بجاءِ قومي شاعريءَ جي دڳ لاتو، خلافت تحريڪ جي زماني کان گل و بلبل جي شاعري ڇڏي قومي شاعري شروع ڪيائين. 1923ع ۾ غلام احمد نظاميءَ جي ڪوشش سان شڪارپوري محلي ڪراچيءَ ۾ سنڌي بزم ادب قائم ٿي، ان وقت ڪراچيءَ ۾ هي پهريون ادبي ادارو قائم ٿيو هو، جنهن جي مدد سان علمي، ادبي مجلسون ۽ مشاعرا منعقد ٿيڻ لڳا. سنڌ جا ڪيترائي شاعر، اديب طرحي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. 1949ع ۾ ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جيڪو سنڌي زبان کي خطرو پيدا ٿيو، ان کي نظر ۾ رکندي نظاميءَ جي ڏنل هيٺين طرح مشاعري لاءِ ڏني وئي هئي:
“قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي”
ان کان سواءِ نظاميءَ کي صحافت سان به دلچسپي هئي، 1929ع ۾ ‘دره حيدري’ نالي رسالو جاري ڪيائين. ڪجهه وقت ‘اديب سنڌ’ جو به ايڊيٽر رهيو هو. آخر ۾ ‘وحدت’ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين پر ان جا ٻه پرچا مس نڪتا. نظامي نثر توڙي نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: بياض نظامي، (نظم) رياض نظامي (نظم) مسدس حالي (نظم ترجمو) مشهور آهن. نظاميءَ جي شاعري قومي رنگ ۾ رتل آهي. شيخ محمد ابراهيم خليل سندس شاعريءَ لاءِ لکي ٿو ته “نظامي پنهنجي پرواز لاءِ اها فضا اختيار ڪئي آهي، جا اردو شاعريءَ لاءِ مولوي حالي ۽ علامه اقبال ڪئي هئي.” هن 23 فيبروري 1951ع تي وفات ڪئي. کيس بولٽن مارڪيٽ پويان سليمان اسٽريٽ واري پراڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. نظاميءَ جي وفات کانپوءِ بزم ادب جي ذميواري الله فڪري'>حبيب الله فڪري سنڀالي هئي، جنهن بزم ادب جو نالو بدلائي بزم نظامي رکيو هو. بزم ادب وانگر، بزم نظامي به ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادب جي خدمت ۾ 1970ع تائين سرگرم رهي.


لفظ غلام احمد نظاميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو