غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي

غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي

غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي

غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي: هيءَ انجنيئرنگ سافٽس ۽ ٽيڪنالاجي جي اعليٰ تعليم جو هڪ نجي تعليمي ۽ تحقيقي ادارو آهي، جيڪو خيبر پختونخواهه جي صوبي سوابي جي تعلقي/شهر ٽوپي ۾ واقع آهي. هن اداري جو بنياد اڳوڻي ڪاموري ۽ ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان جي ڪوشش سان پيو، جنهن ڪري هي يونيورسٽي سندس ئي نالي سان منسوب آهي ۽ عام طور جي.ڪي (GIKI) جي نالي سان سڏجي ٿي. 1988ع ۾ پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ترويج لاءِ سوسائٽي فار دي پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ان پاڪستان طرفان سوسائيٽيز ايڪٽ تحت غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ کي رجسٽر ڪيو ويو، جنهن لاءِ تڏهوڪي پاڪستاني صدر غلام اسحاق خان کي اداري جو تاحيات صدر ۽ ايڇ.يو بيگ کي اعزازي ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. مارچ 1993ع ۾ خيبر پختوانخواهه جي صوبائي حڪومت جي هڪ آرڊيننس تحت هن اداري کي هڪ تعليمي اداري جو درجو ڏنو ويو، بعد ۾ هن آرڊيننس ۾ توثيق ڪري هڪ ايڪٽ (قانون) وسيلي جولائي 1994ع ۾ هن اداري کي باقاعده تعليمي ادارو (يونيورسٽي) جو درجو ڏئي ساڳئي سال آڪٽوبر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو پهريون بيچ متعارف ڪرايو ويو. ايراضي جي لحاظ سان هي يونيورسٽي 400 ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهي.هن يونيورسٽي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل 6 تدريسي فئڪلٽيز آهن، جن ۾: فيڪلٽي آف انجنيئرنگ سائنسز، فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس اينڊ انجنيئرنگ، فيڪلٽي آف ميڪينيڪل انجنيئرنگ، فيڪلٽي آف مٽيريل سائنسز اينڊ ڪميڪل انجنيئرنگ، فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز اينڊ هيومينٽيز ۽ فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ شامل آهن.هتي انجنيئرنگ جي هر شعبي ۾ بيچلرز کان ويندي ايم.فل ۽ پي. ايڇ.ڊي جي اعليٰ ڊگري تعليم مهيا ڪئي وڃي ٿي. موجوده دور ۾ هن يونيورسٽي جو شمار ملڪ جي نمبر پهرين ۽ بهترين يونيورسٽي طور ٿئي ٿو.


لفظ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو