غلام حسين جلباڻي، فقير: مشھور حڪيم، عالم ۽ شاعر، فقير غلام حسين ولد بخشڻ خان جلباڻي بلوچ جو جنم 1275ھہ بمطابق 1858ع ڌاري ٿيو. سندس والد ڌنار هو. غلام حسين سمجهہ ڀريو ٿيو تہ کيس ساڳئي ڪم/پيشي تي لڳايو ويو، پر تعليم سان گهرو شغف هئڻ سبب گهر ۽ والدين کي ڇڏي علائقي جي هڪ مدرسي ۾ داخل ٿيو، مائٽ ڳولي کيس واپس وٺي ويا ۽ ساڳي ڪرت سان لڳايائون پر جلد ئي ٻيهر گهر ۽ والدين کي ڇڏي هندستان روانو ٿيو، جتي سهارنپور جي علائقي ميرٺ ۾ هڪ مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ اتي مسلسل 20 سال طب، حڪمت ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين. خواب ۾ ٿيل بشارت سبب خانقاھہ ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ حافظ محمد عبدالله جي هٿ تي بيعت ڪيائين، ڪجهہ وقت کانپوءِ کيس خلافت سان نوازيو ويو، پر ڪڏهن بہ ڪنهن کي مريد نہ ڪيائين. هن خانقاھہ ڀرچونڊي شريف ۾ ‘حر ٽولي’ جو بنياد رکيو. مرشد سندس شادي حافظ عبدالرحيم خشڪ جي نياڻيءَ سان ڪرائي، جنهن مان کيس ٽن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو. هن کي سندس جماعت وارا ’فقير سائين‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. هيءُ نہ رڳو عالم دين، حڪيم،طبيب ۽ خليفو هو پر صوفي شاعر پڻ هو. شاعريءَ ۾ ’حسين‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪلام جو ذخيرو يا قلمي نسخو نٿو ملي، پر ڪجهہ ڪلام جماعت جي وڏي عمر وارن فقيرن کي زباني ياد آهي. سندس ڪلام ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي. سندس شاعريءَ تي صوفياڻي رنگ سان گڏ مذهبي عنصر بہ غالب آهي. هن 10 شوال 1375ھہ مطابق 21 مئي 1956ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ديھہ ڌڱاڻو مهيسر لڳ ڪوٽ لعل بخش مهيسر تعلقي سجاول ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ آهي. صوفي راڳ ڳائڻ ۽ ذڪر جو پابند هو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
جيئڻ آهي جنجال مون کي، وو اديون ريءَ آريءَ جي.
هتان هوت ڇڏي ويا، وو ملڻ آهي محال مون کي.
وينديس رهنديس ڪينڪي، وو هر دم آهي خيال مون کي.
ويهڻ واجب ناهي يار، وو هلڻو آهي هر حال مون کي.
هتي ‘حسين’ چوي، وو زندگي آهي زوال مون کي.