غلام حسين خان ٽالپر

غلام حسين خان ٽالپر: هيءُ خيرپور جي ميرن جي گهراڻي مان هو. مير احمد علي خان ٽالپر جو وڏو پٽ هو. سندس ولادت 1884ع ۾ ٿي. شاعريءَ جو ننڍپڻ کان وٺي شوق هوندو هئس. سندس تخلص ’احسن‘ هو. اردو ۽ فارسي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي دؤر ۾ وڏو اوج ماڻيائين. خيرپور ميرس جا اڪثر مير شاعر ۽ ٻيا اچي هن کان پنهنجي شعر جي اصلاح ڪرائيندا هئا. مير خان ٽالپر'>غلام حسين خان ٽالپر هر دلعزيز، غريب پرور هو. 1966ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
من ڪه هستم خاڪپائي ڪاروانِ حريت،
دشمنِ آل محمد را به زندان افگنم.


لفظ غلام حسين خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو