غلام حسين خان ٽالپر (ٽئين) جو مقبرو

غلام حسين خان ٽالپر (ٽئين) جو مقبرو

غلام حسين خان ٽالپر ٽئين جو مقبرو

غلام حسين خان ٽالپر (ٽئين) جو مقبرو: هيءُ مقبرو هيرآباد، حيدرآباد ۾ قائم قبرستان ’ميرن جا قبا‘ اندر مير محمد خان ۽ مير خان ٽالپر'>شاهنواز خان ٽالپر جي مقبري جي اولهندي طرف آهي. هن مقبري کي ڏکڻ طرف کان هڪ ئي داخلي دروازو آهي. هيءُ مقبرو پڻ سنڌ جي روايتي طرز تعمير جو هڪ نمونو آهي. جيتوڻيڪ موجوده وقت ۾ مقبري جو مهاڙي وارو آرائشي حصو گهڻي قدر زبون ٿي چڪو آهي تنهن هوندي به مقبرو پنهنجي بنيادي عمارت سميت موجود آهي. هن مقبري اندر مير غلام حسين خان (ٽئين) جي مزار کان علاوه مير فضل علي خان ٽالپر، مير غلام شاهه خان ٽالپر I ۽ مير عبدالله خان (ٽئين) جون قبرون آهن. هي عاليشان مقبرو پڪين سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهيل آهي، مهاڙي جو وچيون حصو پاسن وارن حصن کان ٿورو مٿڀرو آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنڊن تي ڪلسي سان گڏ هڪ هڪ ميناري رکيل آهي. ساڳئي وچين حصي ۾ هڪ ڊگهو نوڪدار ونگ ڏئي منجهس ٻي نوڪدار ونگ جو طاقچو ٺاهي ۽ هيٺان نوڪدار ونگ جو ننڍو داخلي لنگهه ڏنل آهي. جنهن ۾ عام ماپ وارو ڪاٺ جو در نصب آهي. مهاڙي جي ٻنهي پاسن واري ديوار تي ٽي ٽي جي عدد سان اڀي شڪل ۾ نوڪدار ونگ واريون کسي دريون ٺهيل آهن، جن اندر ڪجهه حصي تي اڃا به ڪاشيءَ جون سرون لڳل آهن. ديوار جي هيٺئين حاشيي تي به ڪن هنڌن تي ڪاشي لڳل آهي. مقبري جي پاسي وارين ديوارن تي 21، 21 عدد جون نوڪدار ونگ سان بالڪل ساديون کسي دريون ڏنل آهن، وچ ۾ هڪ دري روشين ۽ هوا لاءِ ڇڏيل آهي. مقبري جي مٿئين حصي ۾ اٺڪنڊي ڳچ جي چؤطرف پڻ نوڪدار ونگ وارين کسي درين جو نمونو برقرار رکيل ٿو ڏسجي، جن ۾ پاسيري ديوارن جي کسي درين جي ڀيٽ ۾ ڪاشيءَ جي سرن جو ڪم ٿيل آهي. گنبذ ۽ ڳچ جي وچ ۾ انهن ٽائيلن جو هڪ پينل به ڏنل آهي. ڳچ مٿان گول گنبذ آهي، جنهن تي سواءِ نيل جي ڪنهن به قسم جي چٽسالي يا آرائش ٿيل ڪونهي، البته چئني ڪنڊن تي چورس ماپ جي هڪ هڪ ميناري (لڳ ڀڳ ٻه کان ٽي فوٽ) آهي، جنهن مٿان نيل سميت گنبذڙو رکيل آهي. موجوده وقت ۾ هيءُ مقبرو پنهنجو پراڻو اؤج وڃائي چڪو آهي ۽ ٽالپر دؤر جي باقيات ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو