غلام حسين سيلاني

غلام حسين ‘سيلاني’: شاعر، نعت خوان ۽ خطاط غلام حسين مغل، فقير صفت ۽ سيلاني انسان هو. شروع ۾ سيوهڻ ۾ ناڪي منشي رهيو. اڪثر ڪري سيلاني فقير جي روپ ۾ زندگي گذاريندو هو. بھترين ڪاتب هو. اکر تمام سٺا هوندا هئس. خط ڪتابت ۾ مهارت رکندو هو. ان کان سواءِ نعت خوان، نوحہ خوان ۽ قصيده خوان پڻ هو. سندس شاعري سنڌي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ آهي. هن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، پر اڪثر سندس ڪافيون، دوها، منقبت، قصيدا، نوحا ۽ نعتون ملن ٿيون. شاعريءَ ۾ ‘سيلاني’ ۽ ‘سيلاني فقير’ تخلص ڪتب آندو اٿس. سندس هڪ قلمي بياض سيوهڻ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ شاعريءَ ۾ فقيري ڳالهيون جھڙوڪ: پيالا نامه، الفي و خرقه نامه، زبان جو غسل، ڪلاب ڪلام، آواز ڪلام، شام غريبان، دونهان نامه، قلندر نامه، شجره شريعت، عثمان مروندي، ڪرسي نامه، طريقت، بفرمان قلندر وغيرہ شامل آهن. پاڻ قلندر لعل شھباز جي درگاھہ تي رکيل گهڙيال تي روزانو پَهَر هڻندو هو. ان ڪري کيس گهڙيالچي پڻ سڏيندا هئا. آخري عمر ۾ بودلي بھار جي مزار تي روزانو حاضري ڀريندو هو. ان ڪري کيس ‘رجي’ پڻ سڏيندا هئا. سندس بياض تي ڪتاب جو سال هن طرح درج ٿيل آهي:
دستخط فقير غلام حسين سيلاني، بتاريخ 29 صفر 1385ھہ.هن سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو