غلام حسين شاھہ رضوي سيد گل پير

غلام حسين شاھہ رضوي، سيد ‘گل پير’: نامور عالم، قاضي ۽ پير، سيد غلام حسين شاھہ ‘رضوي’ ولد سيد محمد مقبول شاھہ، نصرپور جو رهاڪو هو. کيس ‘گل پير’ جي نالي سڏيو وڃي ٿو. سندس والد پنھنجي وقت جو نامور بزرگ ۽ عالم هو. ميرن جي دور ۾ نصرپور سرڪار ۽ شھر ميرپورخاص وارن ماڻڪاڻي ميرن جي حصي ۾ هو. ماڻڪاڻي ٽالپرن جي پوئين دور ۾، ميرشير محمد خان ٽالپر جي حڪومت ۾، هن کي نصرپور سرڪار لاءِ قاضي مقرر ڪيو ويو. هن، ان منصب کي ايمانداري ۽ سچائي سان هلايو. پاڻ علم طب ۾ وڏي مهارت رکندو هو. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ميرن کي بي اختيار ڪيو، تڏهن هن گوشي نشيني اختيار ڪئي. سرچارلس نيپيئر کيس درٻار ۾ اچڻ لاءِ پيغام موڪليو پر هن قابض سرڪار جي درٻار ۾ وڃڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. نيٺ انگريزن هن وٽ اچي ملاقات ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري پر پوءِ بہ هن انڪار ڪيو. هو غيور ۽ همت وارو انسان هو. انگريزن، مير حڪمرانن جون ڏنل جاگيرون رد ڪري، نئين سر الاٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، تڏهن بہ هن انگريزن وٽ جاگير جي بحالي لاءِ درخواست نہ ڏني ۽ نہ ئي درٻار ۾ حاضر ٿيو. سيد غلام حسين 1280ھہ/ 1863ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار نصرپور ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو