غلام حسين شيدا مخدوم

غلام حسين شيدا مخدوم

غلام حسين شيدا مخدوم

غلام حسين شيدا، مخدوم: شاعر مخدوم غلام حسين ‘شيدا’ 1884ع ۾ هالا نوان، ضلعي مٽياريءَ ۾ مخدوم غلام نبي صديقي قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ مشهور بزرگ مخدوم نوح سرور جي نسب مان هو. سندس تعليم ۽ تربيت سروري خاندان جي روايتن مطابق پنهنجي بنگلي تي خانگي طور وقت جي سٺن استادن ۽ عالمن جي سايي هيٺ ٿي. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. سندس خاندان جي شاعري سان گهڻي حد تائين وابستگي هئڻ ڪري هن ننڍيءَ عمر ۾ شاعريءَ جو آغاز ڪيو. شاعري ۾ ‘شيدا’ تخلص اختيار ڪيائين. سندس گهڻو ڪلام ڪافين تي مشتمل آهي. مخدوم محمد الزمان طالب المولى پنهنجي ڪتاب ‘ياد رفتگان’ ۾ لکيو آهي ته: “هي بزرگ هڪ بهترين مقرر ۽ شاعر هو. سنڌي، فارسي ۽ اردو تي چڱي دسترس رکندڙ هو.” هن جي ڪلام ۾ پختگيءَ ۽ سلاست موجود آهي. پاڻ خوش طبيعت ۽ ذهين انسان هو. سندس ڪلام ۾ نصيحتون، الله تي توڪل، غفلت ۽ ڪاهلي کان پاسو ڪرڻ، دنيا جي تڪليفن کي خنده پيشانيءَ سان منهن ڏيڻ ۽ ٻيا نڪتا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو