غلام حسين لغاري

غلام حسين لغاري

غلام حسين لغاري

غلام حسين لغاري: ليکڪ، صحافي ۽ سماج سڌارڪ غلام حسين ولد جڙيو خان لغاري 22 آگسٽ 1948ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دادوءَ مان پڙهي، 1965ع ڌاري سنڌ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتائين، جتان 1970ع ۾ بي. ايس. سي (زراعت) جي ڊگري ورتائين. هن 1960ع کان لکڻ شروع ڪيو، پهريان ٻاراڻي ادب ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. پير مظهر الحق جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل تنظيم ”ٻارڙن جي ٻاري“ جو دادو ۽ ٽنڊي ڄام شاخ جو ڪيترا سال جنرل سيڪريٽري رهيو. 1970ع کان 1973ع تائين روزاني ‘جنگ’ ۽ نيوز ايجنسي پي. پي. آئي جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. غلام حسين لغاريءَ 1980ع کان 1987ع تائين روزاني ‘مهراڻ’ ۾ سينئر نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ان کان اڳ هي ڪاليج واري زماني ۾ اخبار جو پروف ريڊر ۽ سب ايڊيٽر رهيو. 1972ع ۾ هن هفتيوار اخبار ‘محافظ سنڌ’ شروع ڪئي، جنهن جو پبلشر ۽ ايڊيٽر هو. 1980ع کان 1983ع تائين ريڊيو حيدرآباد جي زرعي پروگرام جو پروڊيوسر ٿيو ۽ پوءِ ميزبان طور ڪم ڪيائين. هن ريڊيو لاءِ فيچر پڻ لکيا. 1985ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان ۽ وائس آف جرمنيءَ جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ تربيتي پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ ٻنهي نشرياتي ادارن جو تاحيات ڳوٺاڻو نمائندو بڻيو. انهيءَ پليٽ فارم تان هن ترقياتي ۽ سماجي سرگرمين کي ترتيب ڏئي پروگرام پيش ڪيا. غلام حسين لغاري 1987ع ۾ برٽش ڪائونسل جي اسڪالر شپ تي برائيٽن ۽ سٽي آف باٿ جي ڪاليجن مان ميڊيا بابت هڪ سال جو تربيتي ڪورس ڪيو، اهڙو ڪورس هن ايشين دولپمينٽ بئنڪ طرفان فلپائن جي شهر منيلا ۾ به ڪيو ۽ پاڪستان رورل اڪيڊمي پشاور ۾ به ورڪشاپ ۾ شريڪ رهيو. 1990ع کان 2008ع تائين زراعت کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفرميشن ۽ ڊائريڪٽر (تربيتي پروگرام)، سنڌ مقرر رهيو، جتان آگسٽ 2008ع ۾ رٽائرمنٽ ورتائين. هن وقت مختلف سنڌي اخبارن ۾ حالات حاضره بابت تجزياتي مضمون لکي ٿو، گڏوگڏ سماجي ۽ صحافتي حقن بابت هڪ تنظيم ‘سنڌ ميڊيا ڪميونٽي فورم’ جو سربراهه آهي.


لفظ غلام حسين لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.08.22  عيسوي

ليکڪ، صحافي ۽ سماج سڌارڪ غلام حسين ولد جڙيو خان لغاري 22 آگسٽ 1948ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظهير احمد
علي رضا سهتو
خواجه محمد شريف طوسي
امان الله چانڊيو سنڌي
الياس شاڪر
سردار قريشي
الهورايو بوزدار
احمد علي خان
سرفراز وسطڙو
گلشن شيخ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون