غلام حسين منگي

غلام حسين منگي: صحافي ۽ شاعر غلام حسين ولد نور محمد منگي پهرين جنوري 1895ع تي ڳوٺ ڪارڙا تعلقي ميرو خان، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. ان بعد لائلپور مان زراعت جو ڪورس پاس ڪيائين. ان بعد حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ 3 سال ماستري تي تربيت ورتائين. ٽريننگ پوري ڪري ماهوٽن جي پرائمري اسڪول ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ 1950ع تائين پڙهائيندو رهيو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ انصاف پرنٽنگ پريس خريد ڪري، اشاعت ۽ صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيائين. ان ئي پريس مان ‘انصاف’ نالي سان هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، ڪجهه وقت کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ عزيز پرنٽنگ پريس کوليائين، جتان ‘ڍنڍورو’ نالي هفتيوار اخبار ڪڍيائين. پاڻ ان اخبار جو ايڊيٽر ۽ عبدالفتاح ميمڻ ان جو چيف ايڊيٽر ٿيو. آخر ۾ ‘آفتاب پرنٽنگ پريس’ کوليائين، جتان هفتيوار ‘آفتاب’ ڪڍڻ شروع ڪيائين. غلام حسين منگي شاعريءَ سان به شغف رکندو هو. شاعريءَ ۾ ‘قربان’ تخلص ڪم آڻيندو هو. هن محنتي استاد ۽ بيباڪ صحافي 14 جون 1974ع تي وفات ڪئي.


لفظ غلام حسين منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو